غزه/ تل ابيب (م ڊ) فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم حماس جي القسام برگيڊ جي حملن ۾ 2 اسرائيلي فوجي مارجي ويا ۽ 5 اسرائيلي فوجي زخمي ٿي پيا. القسام برگيڊ موجب يهودي فوجين کي مختلف جاين تي نشانو بڻايو ويو.حملي بعد اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ڌمڪيون ڏيڻ تي لهي آيو . نيتن ياهو چيو آهي ته غزه مان حماس جو خاتمو ڪري ساهه کڻنداسين، يرغمالين جي واپسي تائين جنگ جاري رهندي. هن چيو ته فيصلائتي فتح حاصل ڪرڻ جي منصوبابندي پيا ڪيون، حماس جي حملن سان اسان جا ڪجهه فوجي مريا ويا آهن. ٻئي پاسي عالمي ادارن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته غزه ۾ خوراڪ ۽ پاڻي جي سپلائي بند آهي، جنهن ڪري 3 لک کان وڌيڪ ٻارڙا موت جي ويجهو پهچي چڪا آهن ، بي بي فارمولا کير نه ملڻ ڪري 3 هزار کان وڌيڪ تازا ڄاول ٻارڙن جون حياتيون به خطري ۾ پئجي ويون آهن.