رملا (شوبز نيوز) قابض اسرائيلي پوليس فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي حمايت ۾ سوشل ميڊيا پوسٽ لڳائيندڙ فسلطيني اداڪارا مائيسا عبدالهادي کي گرفتار ڪري ورتو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب 37 ورهين جي مائيسا عبدالهادي غزا ۽ حماس جي حمايت ۾ سوشل ميڊيا پوسٽ شيئر ڪئي هئي. اداڪارا مائيسا عبدالهادي مُرڪندڙ ايموجي سان گڏ 85 ورهين جي يرغمالي يفيٰ ادر جون تصويرون پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي شيئر ڪيون هيون جڏهن ته ٻي پوسٽ ۾ حماس جي فوج کي اسرائيل جي حفاظتي رنڊڪ ٽوڙيندي ڏٺو ويو. ان پوسٽ کان پوءِ اسرائيلي پوليس فلسطينين اداڪارا کي گرفتار ڪري ورتو، اسرائيلي پوليس طرفان اداڪارا جو نالو کڻڻ کانسواءِ گرفتاري جي تصديق ڪندي ٻڌايو ويو ته ناصرا مان نيٽورڪ انفلوئينسر ۽ اداڪارا کي دهشتگردن جي حمايت ۽ نفرت جوڳو مواد پکيڙڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.