ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر ڪياماڙي جي آفيس ۾ پٿراءُ ۽ پوليس تي حملي ۾ ملوث پي ٽي آءِ اڳواڻن تي 17 ڊسمبر تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، دهشتگري ٽوڙ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن جوابدارن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جوابدارن ۾ حليم عادل شيخ، خرم شير زمان ۽ علي زيدي عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته فردوس شميم نقوي، محمد علي عزيز، جمال الدين، عديل احمد ۽ ارسلان تاج پيش نه ٿيا، جوابدارن خلاف سائيٽ اي، سولجر بازار ۽ فيروزآباد ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهن، پوليس پاران 2022 ۾ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيا هئا.