ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي، اڄ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، ڪالهه پريڊي پوليس حليم عادل شيخ کي جهيڙي ۽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت واري ڪيس ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جاچ آفيسر جي استدعا تي عدالت حليم عادل شيخ کي هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي چيو ته جوابدار خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، کيس اڄ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ڃي، سٽي ڪورٽ ۾ پيشيءَ جي موقعي تي حليم عادل شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منھنجي زندگي کي خطرو آهي، پ پ مون کي پنھنجي لاءِ ٿريٽ سمجھي ٿي، عدليه حياتي بچائڻ لاءِ قدم کڻي