ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس ۽ ٻين ادارن کي حليم عادل شيخ خلاف غير قانوني ڪارروائي ڪرڻ کان روڪي سنڌ ۽ وفاقي حڪومت، نيب، ايف آءِ اي ۽ ٻين کان جواب طلب ڪري ورتو، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي گهر تي پوليس جي ڇاپي خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران حليم عادل جي پٽ احسن شيخ عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي والد خلاف سياسي انتقام طور ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن، ضمانت ٿيڻ باوجود اسان جي گهر تي ڇاپا هنيا پيا وڃن،