ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل کي پوليس موبائل کي باهه ڏيڻ واري ڪيس ۾ ضمانت  ملي نه سگهي، عدالت جوابدار جي وڪيل کي 24 نومبر تي ايف آءِ آر جي نئين واضح ڪاپي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي دوران وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڪيس ۾ فريادي سرڪار آهي يا پرائيويٽ ماڻهو آھي؟ ايف آءِ آر جي ڪاپي پڙھڻ جھڙي ناهي، ايف آءِ آر جي صاف ڪاپي لڳائي وڃي،  حليم عادل جي وڪيل جو چوڻ هو ته پوليس موبائل کي باھه ڏيڻ واري ڪيس ۾  پي ٽي آءِ اڳواڻ  محمد اڪرم چيما ضمانت تي آزاد  ۽ حليم عادل شيخ ٻن مهينن کان جيل ۾ آهي، کيس ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي.