واشنگٽن/اسلام آباد(م ڊ) صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، روس جي صدر ولاديمير پيوٽن، برطانيا جي بادشاهه چارلس، يوڪرين جي صدر زيلنسڪي ۽ ٻين عالمي اڳواڻن آمريڪا جي صدر ٽرمپ کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. صدر آصف زرداي ٽرمپ کي مبارڪو ڏنيون ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا پنهنجي ماڻهن جي امن ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ به گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. يوڪرين جي صدر زيلنسڪي چيو ته ٽرمپ جو حلف تبديلي ۽ اميد آهي ته عالمي چئلينجن سميت ڪيترن ئي معاملن کي حل ڪيو ويندو. ذريعن موجب صدر ٽرمپ کي برطانيا جي بادشاهه چارلس نجي طور تي مبارڪون ڏنيون آهن ۽ آمريڪا ۽ برطانيا وچ ۾ خاص لاڳاپن جو اظهار ڪيو. جڏهن ته حلف کان ڪجهه گهڙيون اڳ روس جي صدر پيوٽن به چونڊن ۾ ڪاميابي بعد پهريون ڀيرو صدر ٽرمپ کي مبارڪون ڏنيون.