واشنگٽن (م ڊ) نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته عهدو سنڀالڻ تائين اسرائيلي يرغمالي آزاد نه ٿيا ته حماس مٿان قيامت ٽُٽي پوندي، روس – يوڪرين جنگ ۾ تباهه علائقن جي بحاليءَ ۾ اڌ صدي لڳي ويندي. فلوريڊا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽرمپ هڪ دفعو ٻيهر حماس کي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته 20 جنوري تائين يرغمالين کي ڇڏيو وڃي بعد ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو اهو حيران ڪندڙ هوندو. ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته يوڪرين جنگ روڪڻ لاءِ روسي صدر پيوٽن ۽ يوڪريني صدر سان ڳالهائيندس، اها جنگ به هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي. يوڪرين ۾ هاڻي ڪو به شهر ناهي وڃي بچيو، هڪ به عمارت صحيح حالت ۾ ناهي رڳو ملبي جا ڍير آهن. مون کي ميدان جنگ ۾ رت ۾ رڱيل لاشن جون تصويرون ڏيکاريون ويون جن کي ڏسي 1861ع کان 1865ع  تائين آمريڪا جي گهرو جنگ ياد اچي وئي. ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته يوڪرين ۽ روس ۾ گذريل ٽن سالن کان جاري جنگ جو فوري خاتمو چاهيون ٿا پرهي صورتحال وچ اوڀر کان وڌيڪ مشڪل هوندي.