ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي ٽي ڊي ڪراچي ي علائقي سولجر بازار ۾ ڇاپو هڻي متحده جي ٽارگيٽ ڪلر شمشاد خان کي گرفتار ڪري ورتو، سي ٽي ڊي اختيارين موجب شمشاد خان متحده اڳوڻو سيڪٽر انچارج آهي، جوابدار ايم ڪيو ايم حقيقي جي ڪارڪنن سميت 9 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث آهي، شمشاد خان 1992ع ۾ آپريشن ٿيندي ئي انڊيا فرار ٿي ويو هو، مفروري دوران جوابدار جو ڀارتي ايجنسي را سان رابطو ٿيو هو.