خيرپور/راڻيپور(نمائندن وٽان) هفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست جي 204 هين سالياني عرس مبارڪ جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ درگاهه حضرت سچل سرمست جي محفل سماع هال ۾ ڊِي سي احمد فواد شاهه جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ چادر چاڙهڻ جي رسم واري تقريب، محفل سماع، ايوارڊ تقريب، مشاعري، سگهڙ ۽ ادبي ڪانفرنس سميت ملاکڙي، نمائش ۽ ٻين انتظامن جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ سجادهه نشين خواجا عبدالحق فاروقي جي ڀاءُ خواجا نظر الحق فاروقي، سيڪريٽري يادگار ڪاميٽي مختيار ملڪ، لال بخش منگي، نظر محمد ڳاهو، نانڪ رام، اڪبر شاهاڻي، پروفيسر الطاف اثيم، ابراهيم کرل، نديم پٺاڻ، قربان منگي، ساجد حسين شاهه، منير احمد چنا، عبدالقادر ميتلو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، چيئرمين چيو ته سچل سرمست جو پيغام امن، محبت، ڀائپي، برداشت ۽ انسانيت جو پيغام آهي، عرس مبارڪ تي صفائي سٿرائي، اسٽريٽ لائٽ، پيئڻ جو صاف پاڻي، سي سي ٽي وي ڪئمرائن ۽ سيڪيورٽي پلان تي فوڪس ڪيو ويندو، سمورا لاڳاپيل کاتا گڏجي رٿابندي تحت ڪم ڪرڻ سان گڏ اڳ کان بهتر انتظام ڪندا، هن ڊي ايچ او کي هدايت ڪئي ته ريڪسيو 1122 ايمبولينس سميت ٻين اپائن تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ درگاهه ويجهو قائم ڊسپنسري کي فعال ڪيو وڃي، هن چيو ته جيڪي مسئلا سامهون آيا آهن اُهي وقت سر حل ڪيا ويندا، سچل سرمست جي عرس مبارڪ کي ڪامياب بڻائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، خواجا نظر الحق فاروقي چيو ته درگاهه حضرت سچل سرمست تي ڏيهه توڙي پرڏيهه مان مهمان ۽ پانڌيئڙا ايندا آهن، روڊن جي حالت بهتر ڪئي وڃي، صفائي سٿرائي، امن امان، بجليءَ جي فراهميءَ لاءِ 11 رمضان کان 16 رمضان تائين لوڊشيڊنگ بند ڪئي وڃي، هن چيو ته ايندڙ مهمانن جي بهتر آجيان، سچل سرمست باغ کي بهتر ڪرڻ سان گڏ تجويزن تي عملدرآمد ڪيو وڃي، عرس مبارڪ دوران پانڌيئڙن کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ڊي ايس پي چيو ته عرس مبارڪ جي موقعي تي 1000 هزار کان وڌيڪ پوليس آفيسرن سميت اهلڪار ڊيوٽيون ڪندا، جڏهن ته سي سي ٽي وي ڪئمرائن تحت پڻ نگراني ڪئي ويندي، پروفيسر الطاف اثيم ۽ نظر محمد ڳاهو ڳالهائيندي چيو ته حضرت سچل سرمست جي عرس مبارڪ ۾ ادبي ڪانفرنس کي عالمي ڪانفرنس طور ملهايو وڃي ۽ سچل سرمست جي ڪلام ۽ پيغام کي ڏيهي توڙي پرڏيهي سطح تي ڦهلايو وڃي جڏهن ته عرس مبارڪ ۾ شريڪ ٿيندڙ، اسڪالر، مقالا نگارن، شاعرن، سگهڙن، اديبن، ملهه پهلوانن سميت ٻين ايندڙ فنڪارن لاءِ معاوضي ۾ اضافو ڪيو وڃي.

سچل جو روضو ٻيهر تعمير نه ٿي سگهيو، ڪم رولڙي جو شڪار

راڻيپور(ن پ ا) ھفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست جي عرس ۾ڪهه ڏينهن بچيا پر اڃا تائين سچل جو روضو ٻيهر تعمير نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه وري روضي جي مرمت ٿي سگهي آهي، سچل سرمست جي روضي جا چارئي مينار روضي کان الڳ ٿي ويا آهن ۽ گنبذ زبون بڻيل آهي، سچل باغ، نمائش گرائونڊ، ريسٽ هائوس، اسپتال، اسڪول، مسافر خانو سچل روڊ سميت ترقياتي ڪم رولڙي جو شڪار آھن، ٺيڪيدار ڪروڙين رپيا وٺي غائب ٿي ويو، جنهن ڪري ڪم مڪمل ناهن ٿي سگهيا، سڄاڻ اڳواڻن قربان گل، مختيار احمد چنا، بشير جانوري، اڪبر شاھاڻي، الطاف اثيم ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته سچل سرمست جو روضو ماهرن جي نگراني ۾ ٻيهر تعمير ڪرايو وڃي، عرس جي موقعي تي ڪي به سھولتون مھيا نه ڪيون ويون آھن، روضي جا مينار ڀُري رھيا آھن، چٽسالي واريون سرون ڪري رھيون آھن پر سنڌ حڪومت ڪو به قدم نه پئي کڻي، هنن چيو ته سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي سچل يادگار ڪاميٽي ظاھر ٿئي ٿي باقي ڏينھن گم ھوندي آھي، هنن گهر ڪئي ته روضي کي ٻيھر تعمير ڪيو وڃي.