سنڌ ڄائي حشو ڪيولراماڻي کي جڏهن 1950ع ۾ زبردستي ڏيهه نيڪالي ڏئي، هندستان روانو ڪيو ويو. ان موقعي تي هن پنهنجن جذبن جو اظهار ڪندي چيو ته آئون پنهنجي انهيءَ ڌرتيءَ تي فخر ڪندڙ پٽ رهندس، جيڪا ان کان اڳ ۾ پاڪ هئي، جڏهن هندستان مان نيڪال ڏنل اشرافيه اچي مونکي ٻڌايو ته هي پاڪستان آهي. حشو جنهن جو جنم 14 ڊسمبر 1914ع تي سنڌ جي ڳوٺ ڀريا ۾ ٿيو. هن جا وڏا زميندار طبقي سان تعلق رکندا هئا. حشو بنيادي تعليم ڀريا ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ ڪراچي ۽ ان کان پوءِ سيلون (سري لنڪا) ۽ انگلينڊ ويو.
حشو جي جلاوطني کان پهرين هن کي نظر بند ڪيو ويو هو. حشو هندستان وڃڻ بجاءِ سنڌ ۾ نظربند رهڻ گھريو، انهيءَ ڪري هن پنهنجي نظربندي ختم ڪرڻ بجاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪراچي وٽ نظربندي ۾ واڌ لاءِ درخواست سندس دوست وڪيل شيخ اياز معرفت داخل ڪئي۔ ان وقت اسسٽنٽ ڪمشنر مسعود هو، جنهن پوءِ “مسعود کدر پوش” جي نالي سان مشهوري ماڻي. مسعود ان کان پهرين نوابشاهه جو ڊپٽي ڪليڪٽر پڻ رهي چڪو هو. نوابشاهه جي نوڪري دوران هو هندو دشمني ۾ مشهور هو. هن هندستان مان آيل مهاجرن کي گھرائي اهو چيو ته شهر ۾ جيڪي به هندن جا گھر آهن، انهن تي حملا ڪري زوري هندن کي گھرن مان ڪڍي، انهن تي قبضا ڪريو. انهيءَ ڪم لاءِ هن ڪجھ ڏوهاري ماڻهو، جيڪي جيل ۾ هئا، انهن جون خدمتون پڻ حاصل ڪيون. مسعود لاءِ مشهور آهي ته نوابشاهه مان لڏپلاڻ ڪري هندستان طرف ويندڙ سکن جي ريل کي نوابشاهه ويجھو روڪرائي ان ۾ سوار سڀني سکن کي قتل ڪرائي چڏيو هو.
جڏهن حشو هن جي سامهون پيش ٿيو ته هن حشو کي اهو چيو ته تنهنجي چڱائي انهيءَ ۾ آهي ته تون هندستان هليو وڃ. انهيءَ تي حشو، چڙي هن کي چيو ته، “مسعود! هي منهنجو وطن آهي، آئون هندستان ڇو وڃان؟”. انهيءَ تي مسعود چيو ته اوهان سنڌي ريڊ اندين وانگيان مليا ميٽ ڪيا ويندا. (سنڌي سرويچ حشو ڪيولراماڻي، ترتيب ڊاڪٽر پارس نواز). چوڻ ۾ اچي ٿو مسعود اهڙو مشورو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي کي پڻ ڏنو هو، جنهن به کيس حشوءَ وارو جواب ڏنو هو. حشوءَ کي هن جي مرضي جي خلاف ڏيهه نيڪالي ڏيڻ جي سببن تي ڊاڪٽر آزاد قاضي سندس طرفان ترتيب ڏنل ڪتاب “حشو ڪيولراماڻي ۽ جي ايم سيد جا تعلقات” ۾ لکيو آهي ته، “ان جو بنيادي ڪارڻ جي ايم سيد جي ان وقت واري سياسي حيثيت ۽ حشوءَ جي خاندان جو سائين جي ايم سيد سان ويجھڙائپ وارا لاڳاپا چئي سگھجن ٿا.“
ورهاڱي کان پوءِ حشوءَ جو خاندان هندستان هليو ويو، پر هو پاڻ نه ويو. سرڪار هن جي سياسي سرگرمين کان خائف ٿي هن کي 1949ع ۾ جيل ۾ وجھي ڇڏيو. ان کان اڳ ۾ پڻ 1940ع کان 1942ع تائين ارڙهن مهينا جيل ڀوڳي چڪو هو. هن دفعي کيس اندازو هو ته حڪومت هن کي هت رهڻ نه ڏيندي، اهڙو اظهار هن سائين جي ايم سيد کي 18 مئي 1949ع تي سينٽرل جيل ڪراچي مان هڪ خط ۾ هن ريت ڪيو آهي: “منهنجي ڪيس جو نتيجو اهو اچي ٿيو آهي ته ٿوري وقت لاءِ ڪراچي آئوٽ ضرور ٿيڻو پوندو يا انگلينڊ وڃان پاسپورٽ سان، يا بمبئي ڏانهن پرمٽ سان پاڪستاني جي حيثيت ۾ چڪر هڻڻ وڃان، يا پنهنجي وطن سنڌڙي جي ڪنهن ڳوٺ ۾ صوفي بڻجان”. ڪيس جو فيصلو هن جي اندازي جي ابتڙ نڪتو ۽ سرڪار هن کي 1950ع ۾ پاڪستان پبلڪ سيفٽي آرديننس هيٺ جلاوطن ڪري هندستان موڪلي ڇڏيو.
حشو پنهنجي خاندان سان گڏ هندستان ڇو نه ويو؟ انهيءَ سوال جو جواب سنڌ جي نالي واري اديب محترم شوڪت حسين شورو جي هنن لفظن مان پسي سگهجي ٿو. بقول شوڪت حسين شورو، “ورهاڱو مها پر لئه (وڏي ٻوڏ) هو، جنهن سنڌ ۾ سڀ ڪجھ ٻوڙي لوڙهي ڇڏيو. ان مها پر لئه ۾ اسان ڇا ڇا نه وڃايو! اسان حشوءَ جهڙو جينيئس ماڻهو وڃايو، جنهن هڪ اهڙي سنڌ اڏڻ جا سپنا ڏٺا هئا، جيڪا هر ڏاڍ، جبر، تنگدستي ۽ انتهاپسندي کان آجي، خوشحال ۽ سکي ستابي سنڌ هئي. (حشو ڪيولراماڻي- نه وسرندڙ شخصيت. ليکڪ مدد علي سنڌي).
حشو اهي سنهرا خواب پاڻ سان کڻي 31 ڊسمبر 1949ع تي هندستان هليو ويو. حشو کي هڪ سرڪاري حڪم ذريعي سنڌ بدر ڪري جهاز ۾ چاڙهي بمبئي روانو ڪيو ويو.
حشو ٻوليس پهري هيٺ هوائي اڏي تي وڃڻ کان پهرين سندس فليٽ تي ويو، جتي شيخ اياز گھروارن سان رهيو پيو هو. هن ٻاهران زرينه (شيخ اياز جي گھر واري) کي ٻڌايو ته “مون کي ملڪ بدر ڪيو ويو آهي ۽ اڄ شام بمبئي هليو ويندس”. هن پنهنجي فليٽ مان ڪجھ به نه کنيو. خاص طرح هن وٽ ڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو هو، جيڪو هتي ڇڏي هليو ويو. شايد هن کي ذهن ۾ اها ڳالهه هئي ته حالتون معمول تي اچڻ کانپوءِ هو موٽي سنڌ ايندو. لڳي ٿو ته ٿوري وقت کانپوءِ هن اهو احساس ته واپس وڃڻ مشڪل آهي، انهيءَ ڪري هن سائين جي ايم سيد کي هڪ کان وڌيڪ خطن ۾ لکيو ته سندس دوستن کي چوندا ته ڪتاب ڏياري موڪلين.
سائين جي ايم سيد جي ڪتاب “اڄ پڻ چڪيم چاڪ” ۾ حشوءَ جا 20 خط ڇپيل آهن. بمبئي مان 3 جنوري 1950ع واري خط ۾ ڪتابن بابت لکيو اٿس ته، “مهرباني ڪري منهنجي نوجوان دوستن کي تنبيهه ڪندا رهندا ته منهنجا ڪتاب سڀ موڪلڻ جو بندوبست ڪن”. 14 مئي 1950ع تي مٿرا مان لکيل هڪ ٻي خط ۾ پڻ لکيو اٿس ته، “اميد ته اسان جو گھر وارو دوست ملندو هوندو. ڪتاب موڪلڻ جو ڪو بندوبست نه ڪيو اٿس يا ته هيڏانهن موڪلي يا ته توهان جي ڳوٺ موڪلي ڇڏي”. 4 اگسٽ 1953ع تي دهلي مان لکيل هڪ خط ۾ لکيو اٿس ته، “عبدالستار ۽ مونس جو ته پتو ئي ڪونهي، نڪو احوال پنهنجن ڪتابن بابت جيڪي اتي ڇڏي آيس، گھرائي سگھجن ٿا، مگر خبر ڪانهي سلامت آهن يا نه”.
حشوءَ وٽ ڪيترا ڪتاب هئا، انهيءَ جو اندازو شيخ اياز جي هنن سٽن مان ڪري سگھجي ٿو، “حشو جي ڪراچي واري گھر ۾ اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن جا ڍير پيل هوندا هئا”. (ساهيوال جيل جي ڊائري ) حشو کي ڪتاب نه مليا. ڪتاب ڪيڏانهن ويا، انهيءَ لاءِ ڪا حتمي راءِ نٿي قائم ڪري سگھجي. محترم ايم ايڇ پنهور، حشو جي ڪتابن لاءِ لکيو آهي ته اهي ڪتاب شيخ اياز شڪارپور کڻي ويو. (سنڌ شناسي 60). جڏهن ته شيخ اياز جو چوڻ آهي ته جيئن فليٽ مونس (اياز جو دوست) جي حوالي هو ۽ مونس ڪتابن جي سنڀال نه ڪري سگھيو. خبر نه آهي ڪير اهي ڪتاب فليٽ تان کڻي ويو.
حشوءَ بابت جي ايم سيد لکيو آهي ته، “هن مسئله قوميت جي بنيادي متن کان مونکي واقف ڪيو، جن جي روشني ۾ آءٌ ساري صورت حال کي نئين نقطه نگاهه سان ڏسڻ لڳس”. حشوءَ بابت ڪيرت ٻاٻاڻي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي لکيو آهي ته، “هو سياسي ڄاڻ ۽ علم جو ڀنڊار هو ۽ انگريزي ڀاشا تي ايڏو ضابطو هوس جو خود انگريز به حيران ٿي وڃن، ڪنهن به وشيه تي، هڪ ته وڏي اختياري سان ڳالهائيندو هو ۽ ٻيو ته سندس لفظن ۽ دليلن ۾ ايترو ته زور هو، ڄڻ شير ڌارا وهندي ٿي وڃي، بنا بيهڻ جي، کيس ٻڌڻ ۾ آنند ايندو هو ۽ ڪافي ڪجھ علم حاصل ٿيندو هو”. (پارس نواز)
شيخ اياز، حشو متعلق ساهيوال جيل جي ڊائري ۾ لکيو آهي ته، “هو انسائڪلو پيڊيا هو. هن جي گفتگو ۾ ادب ۽ آرٽ جا رنگا رنگ گل اسان جي ذهن ۾ ٽڙي پيا هئا. هن منهنجي جديد انگريزي ادب سان واقفيت ڪرائي هئي”. اڳتي اهو به لکيو اٿس ته، “اڪثر ڪري حشو سياست ۽ ادب تي ڳالهائيندو هو پر هڪ دفعي سندس فليٽ تي مونس، آئون ۽ حشو ڪچهري ڪري رهيا هئاسين ۽ شراب به پي رهيا هئاسين ته اوچتو حشو عشق ۽ محبت تي ڳالهائڻ لڳو ۽ چيائين ته هن کي انهن مردن کان نفرت هوندي آهي، جي ڪنهن خوبصورت عورت جي دوستي تي ٽڏندا آهن. انهن ۾ قابل رحم احساس ڪمتري هوندي آهي، ڄڻ ته هو ان تي پاڻ ٻڌائيندا آهن ته هنن سان ڪائي خوبصورت عورت گڏ آهي…. حشو به هڪ کان وڌيڪ پيار ڪيا. انهن جو ذڪر ڪندي سائين جي ايم سيد کي هڪ خط ۾ لکيو اٿس ته، “اسان جا عشق به آهن اوهان جهڙا، لڪنگ، لڪنگ بٽ نوٽچنگ”. (اڄ پڻ چڪيم چاڪ – ص 259). ساڳئي ڪتاب ۾ صفحي 255 تي لکيو اٿس، “توهان کي ڪنهن چيو ته اسان جا معشوق هٿ مان وڃي رهيا آهن. اسين سچو عشق فقط هڪ ڀيرو ڪري ڄاڻون ۽ انهيءَ هنڌ اسين هميشه موافق ڪامياب آهيون. توهان جو يار بلڪل ٺيڪ پيو هلي، کيس ڏسي اسان جي دل پڻ موهجي پئي آهي”.
شيخ اياز ساهيوال جيل جي ڊائري ۾ دهلي ۾ هڪ دعوت جو ذڪر ڪندي لکيو آھي ته، “اها دعوت منهنجي ۽ رشيد ڀٽي جي مان ۾ لڇمڻ ڪومل جي طرفان هئي. انهيءَ دعوت ۾ حشو سميت ڪيترائي هندستان جا سنڌي اديب شريڪ هئا. دعوت هلندي حشو اٿي بيٺو ۽ مونکي چوڻ لڳو ته اٿي منهنجي پيرن تي هٿ رک ته جيئن هنن کي خبر پوي ته آئون ڪير آهيان. مون اٿي هن جي پيرن تي هٿ رکيا. ان وقت منهنجو اکيون ڀرجي آيون ۽ هو پوءِ ويهي رهيو ۽ پنهنجي دنيا ۾ گم ٿي ويو”. اهو واقعو لڇمڻ ڪومل پنهنجي ڪتاب “وهي کاتي جا پنا” ۾ هن ريت لکيو آهي: “1963ع ۾ جڏهن شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي دهلي آيا هئا ته حشو کين رات جي مانيءَ تي سڏيو هو. دعوت ۾ اياز جذباتي ٿي ويو ۽ اٿي حشوءَ جا پير پڪڙڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته منهنجو اڌ وجود حشو جي ڪري آهي. انهيءَ تي حشوءَ وراڻيو ته، اڌ ڇو، سڄو ڇو نه. ائين هنن ۾ انگريزي ۾ بحث ڇڙي ويو، جيڪو ڪافي وقت هلندو رهيو”.
حشو هندستان وڃي اتي پڻ سنڌي ادب ۽ سنڌي واڌاري لاءِ ڪوششون ورتيون. انهيءَ سلسلي ۾ سائين جي ايم سيد کي هڪ خط ۾ لکيو ته، “ڪن مهينن کان مون هت سنڌو سماج جو تحرڪ شروع ڪيو آهي، جنهن جي ذريعي سنڌي ٻولي ۽ تهذيب زندهه رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون”. اهو به لکيو اٿس ته، “گذريل هفتي اسان شاهه صاحب جي ورسي دهلي ۾ پهريون ڀيرو ملهائي. سنڌيت جو نظارو هو. مون ‘شاهه ۽ سنڌيت’ تي تقرير ڪئي ۽ انهيءَ ۾ توهان جي ڪتاب ڏاڍي مدد ڪئي”. (اڄ پڻ چڪيم چاڪ- ص 266). ڪيرت ٻاٻاڻي سنڌو سماج هلچل جو ڪريڊٽ حشوءَ جي نالي ڪيو آهي. ڪيرت ٻاٻاڻي اهو پڻ لکيو آهي ته 1957ع ۾ پهرئين سنڌي ٻولي ڪنوينشن ڪوٺائڻ ۾ پڻ حشوءَ جو وڏو هٿ هو. حشو سنڌي ٻوليءَ کي هندستان جي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ لاءِ صحيحن جي مهم هلائي وئي ۽ ٿوري وقت ۾ هڪ لک صحيحون حاصل ڪيون. ائين سنڌي ٻولي هندستان جي قومي ٻولين مان هڪ قرار ڏني وئي. (پارس نواز)
حشوءَ جا آخري ڏينهن سٺا نه گذريا. آخر ۾ هو دهلي ڇڏي اچي بمبئي ۾ رهيو. هتي هن جو ڪو به ٺڪاڻو نه هو. ڪڏهن مندر ۾ ته ڪڏهن مساڻ ۾ ته وري ڪڏهن پليٽ فارم تي رات گذاريندو هو. جيئن ته هن جو ڪو به مستقل ذريعهء معاش نه هو، انهيءَ ڪري دوستن کان اوڌر تي پئسا وٺي ان تي گذر ڪندو هو. هن جي آخري ڏينهن جي جهلڪ لڇمڻ ڪومل طرفان “وهي کاتي جا پنا” ۾ لکيل هنن سٽن مان پسي سگهجي ٿي: ”سياسي ۽ سماجي سوجهه ٻوجهه ۽ عالمي سياست جو گهرو شعور رکندڙ، مشهور انگريزي اخبار جو مقبول ڪالم نويس حشو ڪيولراماڻي پنهنجن پوين ڏينهن ۾ مفلسي جو ڀيانڪ روپ ڏٺو”. اڳتي لکيو اٿس ته، “هڪ رات مان بمبئي ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي سان ويٺو هوس ته اوچتو حشو اچي نڪتو. قميص ۽ کٿل پينٽ پاتل هئي. مهيني کن جي وڌيل ڏاڙهي، اکيون ڏرا ڏئي ويل. ڪيرت مونکي هڪ پاسي وٺي وڃي چيو ته آئون هن کي پئسا ڏئي ڏئي ٿڪجي پيو آهيان، اڄ تون هن کي پنج روپيا ڏي، پاڻهي هليو ويندو. مون ڪيرت جي چوڻ تحت هن کي ڏهه روپيا ڏنا. پئسا ملندي ئي حشو تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري ويو ۽ چانئٺ تي بيٺي بيٺي مان سنڌ جي عظيم دانشور، اعلى مفڪر، انگريزي صحافت ۾ ابرودار رتبو ماڻيندڙ حشو ڪيولراماڻي کي آخري ڀيرو اوندهه ۾ غائب ٿيندي ڏسندو رهيس. مدد علي سنڌي حشوءَ تي ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ هري موٽواڻي جي حوالي سان حشوءَ جي مفلسي جو ذڪر ڪيو آهي. بقول هري موٽواڻي، “سنڌ جو هي تمام وڏو ماڻهو ممبئي جي فوٽ پاٽن تي هلندو آهي. ڪنهن ماني کارائي ته واهه، نه ته بک تي پيو گذاريندو آهي”.حشوءَ جي زندگي جو انت به هڪ معمو آهي. 1986ع ۾ هو اوچتو گم ٿي ويو. خبر نه آهي ته هن کي زمين ڳهي وئي يا آسمان کڻي ويو. اها انساني سماج جي بي حسي آهي جو گهڻو ڪري جينيئس ماڻهن جو آخري وقت ڏکن ڏولاون ۾ گذرندو آهي. هنن کان پنهنجا به منهن موڙي ويندا آهن. حشوءَ سان به اها ساڳي ويڌن ٿي.