ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش جي استعيفيٰ ڏيندڙ وزيراعظم جي پٽ سندس انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جي صلاحڪار صجيب واجد چيو آهي ته حسينه واجد جڏهن اقتدار سنڀاليو هو ته ان وقت بنگلاديش هڪ غريب ملڪ ۽ ناڪام رياست هئي. برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حسينه واجد تمام گهڻو مايوس آهي ۽ هاڻي هوءَ سياست ۾ واپس نه ايندي. احتجاج ڪندڙن خلاف حڪومت جو ردعمل بلڪل درست هو. هن وڌيڪ چيو ته والده حسينه واجد بنگلاديش کي ترقي ڏئي ايشيا کي اڀرندڙ ٽائيگرن ۾ شامل ڪيو.