رحيم يار خان (انٽريسٽنگ نيوز) رحيم يار خان ۾ جعلي عورت پوليس اهلڪار گرفتار ٿي وئي، پوليس آفيسر ٿيڻ جو ڏيک ڏيندڙ عورت کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب جوابدار پاڻ کي اي ايس پي گلگت بلتستان ۽ جوا مافيا ٻڌائيندي هئي. پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جڏهن سفارش ڪرڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتي ته شڪ جي بنياد تي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کان تفصيل حاصل ڪيا ويا، جعلسازي جي تصديق ٿيڻ بعد جوابدار کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو آهي.