سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۾ بيدرديءَ سان قتل ٿي ويل سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سکر ڊويزن جي اطلاعات سيڪريٽري حسيب جوڻيجو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جوڻيجا اتحاد، ايس يو پي ۽ مقتول جي وارثن طرفان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مقتول جي قتل ڪيس ۾ فريادي سندس ڀاءٌ عبدالرحمان جوڻيجو، ايس يو پي اڳواڻ عيدن جاگيراڻي، فضل الرحمان ڀٽو، ديدار چانڊيو ۽ ٻين پوليس جي جاچ تي عدم اعتماد جو اظھار ڪندي چيو تہ پوليس فقط ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آھي، باقي جوابدار سري عام گھمي رھيا آھن، جن کي پوليس گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. مظاھرين جو چوڻ ھو تہ حسيب جوڻيجو جي قتل کي پوليس لوڙھڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي، جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران مقتول جي دوستن کي پريشان ڪيو پيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري مقتول جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.