ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين سيزن لاءِ ڪراچي ڪنگز فاسٽ بالر حسن علي کي ٽيم جو نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته هن ڀيري ڪراچي ڪنگز جي قيادت ڊيوڊ وارنر کي سونپي پئي آهي. ٻئي پاسي پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊيشن لاءِ پرڏيهي رانديگرن جي پاڪستان اچڻ جو سلسلو جاري آهي.سريلنڪن بيٽر ڪوشال مينڊس پاڪستان سپر ليگ جي ٽيم ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي اسڪواڊ کي جوائن ڪري ورتو آهي. ڪوشال مينڊس جو چوڻ آهي ته پهريون ڀيرو پي ايس ايل کيڏڻ لاءِ پرجوش آهيان.