چنائي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جون ڏکيائيون وڌي ويون، اهم فاسٽ بالر بخار ۾ مبتلا ٿي ويو جنهن سبب ڏکڻ آفريڪا خلاف سندس شرڪت شڪي ٿي وئي آهي. ذريعن موجب، تيز بالر حسن علي اڄ ٽيم جي پريڪٽس سيشن ۾ شريڪ نه ٿيو، سندس اڄ ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ ۾ شرڪت به شڪي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حسن علي جي جاءِ تي اڄ ڏکڻ آفريڪا خلاف محمد وسيم جونيئر کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي. واضح رهي ته ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم لاءِ 14 آڪٽوبر تي ڀارت، 20 آڪٽوبر تي آسٽريليا ۽ وري 23 آڪٽوبر تي افغانستان هٿان شڪست کانپوءِ ورلڊ ڪپ سيمي فائنل ۾ ڪواليفاءِ ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.
پاڪستان اڄ پنهنجي ايندڙ ميچ چنائي جي چدمبرم اسٽيڊيم ۾ ميگا ايونٽ جي مضبوط ترين ٽيم ڏکڻ آفريڪا خلاف ميدان تي لهندو.