برمنگهم (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني فاسٽ بالر حسن علي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ 300 وڪيٽون مڪمل ڪري ورتيون آهن. حسن علي هن وقت انگلينڊ جي ڪائونٽي ٽيم برمنگھم بيئرز جي نمائندگي ڪري رهيو آهي ۽ 2025 ۾ جاري مائنر وائيٽلٽي بلاسٽ ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي صلاحيتن جو جوهر ڏيکاري رهيو آهي. حسن علي صرف 212 ​​ميچن ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏنو ۽ ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ 300 وڪيٽون وٺندڙ دنيا جو 39 هون بالر ۽ پاڪستان جو 9 هون بالر بڻجي ويو. وهاب رياض 413 وڪيٽن سان پاڪستان طرفان سڀ کان وڌيڪ ٽي 20 وڪيٽون وٺندڙ بالرن جي فهرست ۾ پهرين نمبر تي آهي،

 

جڏهن ته افغانستان جو راشد خان 643 وڪيٽن سان دنيا ۾ پهرين نمبر تي آهي. پاڪستاني بالر جيڪي ٽي 20 ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون ورتيون آهن، وهاب رياض 413، سهيل تنوير 389، محمد عامر384، عماد وسيم 365، شاهد آفريدي 347، شاداب خان 345، حارث رؤف 321، شاهين آفريدي 310، حسن علي301، حسن علي وائيٽلٽي بلاسٽ 2025 ۾ هاڻي تائين 6 ميچن ۾ 12 وڪيٽون ورتيون آهن، سندس سراسري 17.33 ۽ اڪانومي ريٽ 9.38 آهي. ياد رهي ته برمنگھم بيئرز آچر تي ليسٽر شائر سان مقابلو ڪندي. بيئرز هن وقت نارٿ گروپ ۾ چار فتحن ۽ چار شڪستن سان ڇهين نمبر تي آهي ۽ ان جا 16 پوائنٽس آهن.