لاهور (اسپورٽس نيوز)بنگلاديش خلاف ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي پاڪستاني فاسٽ بالر حسن علي کي اڳوڻي اسٽار بالر وهاب رياض خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ سندس پراڻي ٽريننگ وڊيو شيئر ڪندي سندس محنت کي ساراهيو آهي. لاهور ۾ کيڏيل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي 37 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪئي، حسن علي شاندار واپسي ڪندي 5 شڪار ڪيا ، جڏهن ته شاداب خان کي آل رائونڊ ڪارڪردگي تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. اڳوڻي فاسٽ بالر وهاب رياض، حسن علي جي ٽريننگ جي هڪ پراڻي وڊيو شيئر ڪئي. هن حسن کي مبارڪباد ڏيندي لکيو” تون مقابلو ڪرڻ وارن مان آهين، هاب رياض کلڻ وارو ايموجي سان گڏ اِهو به لکيو ته ” جڏهن تون اسان جهڙن سان ٽريننگ ڪندين ته نتيجو اهڙو ئي ايندو، اِها تنهنجي محنت جو نتيجو آهي.“