لنڊن (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي جو انگلش ڪائونٽي ورڪشائر سان ٻيهر معاهدو ٿي ويو. انگلش ڪائونٽي ورڪشائر موجب، حسن علي جو ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۽ وائٽلٽي بلاسٽ لاءِ معاهدو ٿيو آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته حسن علي جو ايندڙ سيزن 2024ع لاءِ جولاءِ جي آخر تائين معاهدو ٿيو آهي، جڏهن ته سپٽيمبر ۾ سيزن جي آخري ميچز لاءِ پڻ حسن علي جي آمد جو آپشن موجود آهي. معاهدو ٿيڻ کانپوءِ حسن علي جو چوڻ آهي ته وروڪشائر ڪائونٽي سان گذريل سيزن سٺو رهيو، ٻهير کيڏڻ لاءِ منتظر آهيان.