واشنگٽن(شوبز نيوز) حسن جو مقابلو کٽيندڙ آمريڪي سندري ڪيڊانس فريڊرڪسن خوفناڪ روڊ حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي وئي.18 ورهين جي ڪيڊانس فريڊرڪسن ننڍي عمر ۾ ئي ”مس اوڪالوسا ڪائونٽي ٽين يو ايس اي“ جو حسن جو مقابلو کٽيو هو ۽ تازو کيس ڪاليج لاءِ 40 هزار ڊالرن جي اسڪالرشپ ملي هئي.رپورٽن موجب ڪيڊانس 17 فيبروري تي فلوريڊا جي هڪ روڊ تي گاڏي هلائي رهي هئي ته ان جو ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ ڪيڊانس ٿڏي تي فوت ٿي وئي.