ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي سٽي ڪورٽ مان پي ٽي آءِ اڳواڻ  حسان نيازي کي فرار ڪرائڻ واري ڪيس ۾ علي زيدي ۽ حليم عادل شيخ تي فرد جرم لاڳو، ٻنهي اڳواڻن پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪار، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلبي ورتو، ڪالهه جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ حسان نيازي کي فرار ڪرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران استحڪام پاڪستان پارٽي جو اڳواڻ علي زيدي ۽ تحريڪ انصاف سنڌ جو صدر حليم عادل شيخ پيش ٿيا، عدالت پاران فرد جرم لاڳو ڪرڻ تي ٻنهي اڳواڻن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو، عدالت 6 جنوري تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي دوران حليم عادل عدالت کي ٻڌايو ته کيس سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، مون ڪو به ڏوهه ناهي ڪيو، انهي باوجود جوابدار آهيان، هن وڌيڪ چيو ته مون سان جيل ۾ ناروا سلوڪ ڪيو پيو وڃي.