اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ( پي اي سي ) جي اجلاس ۾ نادرا چيئرمين انڪشاف ڪيو آهي ته حساس ڄاڻ رکندڙ پنج سئو کان وڌيڪ ماڻهو پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ پاڪستاني شهريت ڇڏي ويا. نادرا چيئرمين طارق ملڪ جي انڪشاف تي پي اي سي پاڪستاني شهريت ڇڏڻ وارن جي فهرست طلب ڪري ورتي، اجلاس دوران پي اي سي چيئرمين نور عالم خان سوال ڪيو ته نادرا ۾ ڪرپشن تي ڪيترن ماڻهن کي نيڪالي ڏني وئي؟ جنهن تي نادرا چيئرمين جواب ڏيندي چيو ته 43 ماڻهن کي ڪرپشن جي الزامن جي بنياد تي اداري مان ڪڍيو ويو جڏهن ته 2600 ماڻهن  خلاف جاچ هلندڙ آهي. ڪاميٽي چيئرمين نور عالم خان چيو ته ڪرپشن جي بنياد تي ڪڍيل ماڻهن کي ٻيهر به ڀرتي ڪيو ويو؟، جنهن تي ڪاميٽي نيڪالي بعد ٻيهر ڀرتي ٿيندڙن جا تفصيل پڻ طلب ڪري ورتا آهن.