سجاول (ن پ ا) حساس ادارن جي شڪايت تي ايس ايس پي سجاول الطاف حسين کي فوري طور ھٽايو ويو آهي، ڪراچي ۾ انٽليجنس برانچ ۾ مقرر ايس ايس پي توقير محمد نعيم کي بدلي ڪري سجاول جو نئون ايس ايس پي مقرر ڪيو ويو، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، ڪجهه ڏينھن اڳ سجاول ضلعي جي جاتي شھر ۾ حساس ادارن جي نشاندھي تي ڪسٽم اھلڪارن ڪارروائي ڪري وڏي مقدار ۾ منشيات برآمد ڪئي ھئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته حساس ادارن پاران ايس ايس پي سجاول جي ڪارڪردگي بابت رپورٽ تي کيس ھٽايو ويو.