چونڊڪو (رپورٽ: ممتاز علي سومرو) نارا واسين کي تڪ جي چونڊيل نمائندن مڪمل طور تي وساري ڇڏيو آهي پ پ پ جي حڪومتي دور دوران ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ سهولتن جي کوٽ هجڻ سبب تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ناري جي عوام جي ڊي اي جي اميدوارن کي رد ڪندي پ پ پ جي اميدوارن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 209 تي ايم اين اي پير سيد فضل علي شاھ.صوبائي تڪ پي ايس 29 تي جي ڊي اي جي ايم پي اي ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ ۽ پي ايس 28 تي پ پ پ جي ايم پي اي ساجد ٻانڀڻ کي ڪامياب ڪيو پر نارا واسين جي پ پ پ جي اميدوارن به سار نه لڌ ۽ کين مڪمل طور تي وساري ڇڏيو آهي، جڏهن ته چونڊيل نمائندن ووٽ وٺڻ بعد عوام جي ڪابه پر گهور نه لڌي آهي، ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو آهي چونڊيل نمائندن پنجن سالن دوران ڪابه اسڪيم نه ڏني نه وري ڪا عوام جي ڀلائي لاءِ ڪي قدم کنيا آهن نارا تعلقي ۾ ٻن گادين جا مريد رهن ٿا هڪ پير سائين پاڳارا ۽ ٻيو پير آف راڻيپور جيڪي هميشه هتان ڪامياب ٿيندا پيا اچن پر نارا تعلقو هميشه نظرانداز ٿيندو آيو آهي، ناري تعلقي واسي صحت، تعليم، پيئڻ جي پاڻي، صفائي سٿرائي، روڊ رستن سميت جياپي جي سمورين سهولتن کان محروم بڻيل آهن تعلقي جا سمورا روڊ رستا تباھ حالي جو شڪار آهن ڪوبه هڪ رستو ٺهيل نه آهي جنهن ڪري هتان جي عوام سفر دوران وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻيل آهن جڏهن ته صحت کاتي جون اسپتالون به عوام لاءِ ڀي لاڀ بڻيل آهن تعلقي ۾ صحت کاتي جون ٻه اسپتالون قائم ٿيل آهن هڪ رورل هيلٿ سينٽر چونڊڪو ۽ ٻئي بي ايڇ يو نارا گيٽ شامل آهن پر ڄاڻايل اسپتالون ريفر سينٽر بڻيل آهن اسپتالن اندر مقرر ٿيل ڊاڪٽر سياسي ڀوتارن جي سپورٽ سبب ڊيوٽين تان غائب آهن جيڪي پنهنجون ذاتي پرائيويٽ اسپتالون ۽ وڏا سينٽر هلائي رهيا آهن اسپتالن اندر صحت جي ڪابه سهولت ميسر ناهي ٿيل ايندڙ مريضن کي پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽورن تان دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن رات جي وقت ڪابه اسپتال کليل نه آهي جنهن ڪري رات جي وقت ٿيندڙ حادثن جا شڪار ماڻهون وقت سر علاج نه ٿيڻ سبب موت جو ڪاڄ بڻجي وڃن ٿا جنهن ڪري رهواسي صحت جي سهولتن کان به محروم بڻيل آهن رورل هيلٿ سينٽر چونڊڪو اسپتال کي هن محل تائين تعلقي جو درجو به نه ملي سگهيو آهي اسپتال ۾ ايمرجنسي وارڊ ئي نه آهي جنهن ڪري ايمرجنسي ۾ ايندڙ مريضن کي وڻ جي هيٺان سمهاريو ويندو آهي جڏهن ته ڪيترن ئي ڊاڪٽرن جون پوسٽون خالي پيل آهن پر چونڊيل نمائندن صحت جي سڌاري لاءِ ڪوبه قدم نه کنيو آهي.نارا تعلقي اندر تعليم جو به ٻيڙو ٻڏل آهي تعلقي جا سوين اسڪول بند پيل آهن ڪيترا ئي اسڪول عمارتن کان محروم بڻيل آهن جڏهن ته ڪيترن ئي اسڪولن جا استاد ڊيوٽين تان غائب آهن جنهن ڪري هزارين شاگردن جون مسقبل تباهي جي طرف وڃي رهيو آهي سرڪاري اسڪولن جا حال هيڻا هجڻ ڪري والدين هن مهانگائي جي دور ۾ پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائڻ جي سگھ نه هجڻ سبب پنهنجي معصوم ٻارڙن کي تعليم نه پيا ڏياري سگهن جنهن ڪري مجبورن معصوم ٻارڙا چوپايو مال چارڻ ۽ مزدوري ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن پر تعليم کاتي جي اختياريون مڪمل طور خاموش تماشائي بڻيل آهن چونڊيل نمائندن تعليم جي سڌاري لاءِ به ڪي ڪوششون نه ورتيون آهن.نارا واسي صفائي سٿرائي واري سهولت کان به محروم بڻيل آهن ٽائون ڪاميٽي چونڊڪو جي ڪامورن جي نااهلي سبب چونڊڪو سميت ٻين شهرن ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن چونڊڪو شهر جي اڪثر محلن جي گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن نالين جو گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي ٽائون انتظاميه صفائي سٿرائي لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ نه ورتا آهن جڏهن ته شهري پيئڻ جي صاف پاڻي کان به محروم آهن چونڊڪي شهر ۾ ڪروڙن جي لاڳت سان تيار ڪريل واٽر سپلاءِ منصوبو به نارا واسين کي لاڀ نه ڏيئي سگهيو آهي جنهن ڪري شهري پيئڻ جي پاڻي لاءِ سخت پريشان آهن ٽائون انتظاميه پاران ڀوتارن ۽ ڪامورن جي هائوسن تي فائر برگيڊ گاڏين وسيلي پاڻي پهچايو وڃي ٿو پر غريب طبقي جا ماڻهون ڏوراهن علائقن مان پاڻي ڀري اچڻ تي مجبور بڻيل آهن ناري تعلقي ۾ بجلي جو به وڏو آزار بڻيل آهي تعلقي اندر ٻه فيڊر ڪم ڪري رهيا آهن پر ٻنهي فيڊرن تي بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ جو وڏو آزار آهي سيپڪو عملي جي ڳٺ جوڙ سبب سوين ٽرانسفارمرن تي ڀوتارن جا قبضا ٿيل آهن ۽ بجلي جا هزارين يونٽ غيرقانوني ٽرانسفارمرن ذريعي چوري ٿي رهيا آهن ناري ۾ زراعت جو نظام بجلي تي آهي نارا ڪئنال تي لڳل لفٽ بند ڪري آبادگارن سان وڏو ظلم ڪري رهيا آهن پر چونڊيل نمائندن سندن ڪابه سار نه لڌي آهي.