لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ۽ فلمساز حريم فاروق سندس ڪاروباري ڀائيوار عمران رضا ڪاظمي طرفان اداڪارا هانيا عامر کي شوبز انڊسٽري ۾ متعارف ڪرائڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.هڪ تازي پوڊڪاسٽ دوران حريم فاروق انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته هانيا عامر کي سڀ کان پهرين ڊبسميش تي ڏٺو، جتي هن جي پُراعتمادي، معصوميت ۽ پُرڪشش شخصيت ترت سندس ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو.حريم فاروق، هانيا جي پهرئين آڊيشن کي يادگار تجربي طور بيان ڪندي چيو ته هوءَ اڄ به هانيا جي ڪاميابين تي فخر محسوس ڪري ٿي.هن وڌيڪ چيو ته هانيا جي محنت، لڳاءُ ۽ هاڪاري رويي کيس انڊسٽري ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ مدد ڏني.ياد رهي ته هانيا عامر مختصر وقت ۾ ڊرامن ۽ فلمن ۾ مُک ڪردار ادا ڪري پنهنجي هڪ ڌار سڃاڻپ قائم ڪري چڪي آهي، پاڪستان ۽ ڀارت سميت دنيا ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندس مداحن جو وڏو انگ موجود آهي.