اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مذهبي معامرن واري نگران وفاقي وزير انيق احمد پاران حج پاليسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حج پاليسي 2024ع تي تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي، وزات چاهي پئي ته ڪجهه بهتري اچي، اسان جو مقصد حاجين جون دعائون حاصل ڪرڻ آهي. هن چيو ته هن ڀيري پهريان کان حج سستو هوندو، گذريل حج 11 لک 75 هزار رپين جو هيو، اسان حج پيڪيج 10 لک 75 هزار رپين جو ڏئي رهيا آهيون، هڪ ٻن ڏينهن ۾ اشتهار به لڳي ويندو، اسان ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وقت کان اڳ حج پاليسي ڏئي رهيا آهيون، پريس ڪانفرنس دوران هن وڌيڪ چيو ته اسان آءِ ٽي وزارت جي مدد سان حج ڊجيٽلائيز ڪري رهيا آهيون، اسان ايپ ڏئي رهيا آهيون جيڪا حاجين جي رهنمائي ڪندي، اهڙيون موبائل سمز ڏئي رهيا آهون جنهن سان حاجي لاتعداد ڪالز ڪري سگهن ٿا. پاڪستان جي حاجين کي هڪ ڪيو آر ڪوڊ وارو 36 ڪلووزن جي گنجائش وارو بيگ ڏنو ويندو. جڏهن ته عورتن کي عبايو ڏنو ويندو، جنهن تي پاڪستان جو جهنڊو هوندو، هن چيو ته هڪ شارٽ پيڪيج 20، 21 ڏينهن جو ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته مڪمل حج ڪوٽا هڪ لک 79 هزار ڏنو پيو وڃي، ڊالرز جي لاءِ ڪجهه ڪوٽا مختص ڪري سگهجي ٿي، هن چيو ته روڊ ٽو مڪه پروگرام هاڻي اسلام آباد ڪراچي کان ٿيندو لاهور کان به روڊ ٽو مڪه لاءِ ڪوششون جاري آهن.