اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران وفاقي ڪابينا نظر ثاني ٿيل حج پاليسي 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي، پرڏيهي مٽاسٽا واري ٽرانزيڪشن تي بئنڪن جي ونڊ فال منافعي تي 40 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ، پاور ڪمپني آفيسرن کي مفت بجلي يونٽ بدران ڪيش فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي امن امان ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. حج پاليسي 2024 بابت 3 رڪني وزارتي ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن جي روشني ۾ پاليسي جي منظوري ڏني وئي.  نئين حج پاليسي موجب 10 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار به حج ڪري سگهندا، پرائيويٽ حج اسڪيمن ۾ 80 سالن کان مٿي عمر وارن لاءِ حاضري جي شرط ۾ نرمي هوندي. شق جي خلاف ورزي جي نتيجي ۾ حج گروپ آرگنائيزر کي ڏنڊ ۽ بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، ان کان علاوه وفاقي ڪابينا حج ڪوٽا ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا سيڙپڪاري بورڊ جي سفارش تي سعودي عرب ۽ قطر سان ٻطرفي سيڙپڪاري معاهدن تي ڳالهين جي منظوري ڏني وئي، روينيو ڊويزن جي سمري ۾ بئنڪن جي ونڊ فال منافعي تي 40 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا توانائي بابت ڪابينا ڪاميٽي جي فيصلن جي به منظوري ڏئي ڇڏي. پاور ڪمپنين جي گريڊ 17 کان 22 جي آفيسرن کي مفت يونٽن بدران ڪيش فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا وڌيڪ ملڪن کي آن لائن ويزا لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي به منظوري ڏني. 2 لک ميٽرڪ ٽن يوريا جي درآمد لاءِ ٽي سي پي کي پيپرا رولز کان ڇوٽ ڏيڻ ۽ آزاد ڄمون، ڪشمير ڪائونسل جي بجيٽ 24-2023ع جي به منظوري ڏني وئي. اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪرڻ ۽ خارج ڪرڻ بابت ذيلي ڪاميٽي جون سفارشون به منظور ڪيون ويون. وفاقي ڪابينا وفاقي گهرو وزارت جي سفارش تي 18 نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ ۽ 9 نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته سامونڊي معاملن واري وفاقي وزارت جي سفارش تي وفاقي ڪابينا هانگ ڪانگ انٽرنيشنل ڪنوينشن فار دي سيف اينڊ انوائرمينٽل فرينڊلي ريسائڪلنگ آف شپز 2009 تي صحيحن جي منظوري ڏني. ان ڪنوينشن تحت پاڪستان بحري جهازن جي ريسائڪلنگ لاءِ قانون سازي ڪندو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي سکيا ڏني ويندي.