ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت حج مشن ۾ سنڌ جي مذهبي کاتي جي ملازمن کي به شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ان حوالي سان سنڌ جي مذهبي مامرن ۽ قانون واري وزير عمر سومرو مذهبي معاملن واري وفاقي وزارت کي خط لکي ڄاڻايو آهي حج مشن ۾ سنڌ جي مذهبي کاتي جي ملازمن کي شامل ڪرڻ جي ڪوٽا مختص ٿيل آهي، انهي تي عمل ڇو نه پيو ڪيو وڃي؟ نگران صوبائي وزير عمر سومرو چيو ته سعودي عرب ۾ وفاقي حج مشن ۾ خادم مقرر ڪرڻ ۾ صوبن کي ڪو به حصو نه ڏنو پيو وڃي. حج پاليسي تحت هر سال 300 کان وڌيڪ وفاقي ملازم مڪي ۽ مديني ۾ حج جي فرض دوران حاجين جي خدمت لاءِ مقرر ڪيا ويندا آهن. وفاق سنڌ مان هڪ به ملازم کي حاجين جي خدمت لاءِ نه ٿو گهرائي. هن چيو ته گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ ايندڙ سال 2024ع ۾ وڌيڪ حاجي حج ڪرڻ  ويندا. حاجين جي وڏي انگ کي نظر ۾ رکندي حج مشن لاءِ وڌيڪ ملازمن جي ضرورت پوندي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته 18هين ترميم کانپوءِ مذهبي معاملن واري صوبائي کاتي جي ملازمن کي به مڪي ۽ مديني ۾ حج مشن دوران خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِشامل ڪيو وڃي.