رياض (م ڊ) سعودي عرب ۾ هن سال حج جي ادائگي دوران فوت ٿيل حاجين جو تعداد1 هزار 114 ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ هڪ پرڏيهي خابرو ايجنسي جي رپورٽ موجب حج دوران گرمي جي سٽ نه سهندي 1114 حاجي فوت ٿيا. مصري اختيارين موجب فوتي حاجين ۾ مصر جا 672 ماڻهو شامل آهن، جڏهن 25 اڃا گم آهن. انڊونيشيائي اختيارين جو چون آهي ته فوت ماڻهن ۾ انڊونيشيا جا 236 شهري شامل هئا.  جڏهن ته ڀارتي اختيارين جي دعويٰ آهي ته 98 ڀارتي حاجي به فوت ٿيل حاجين ۾ شامل آهن. خابرو ايجنسي موجب فوتي حاجين ۾ توينس، اردن، ايران ۽ سينيگا جا شهري به شامل آهن.