ملير (رپورٽر ) بلوچستان جي حب ضلعي ڪائونسل چيئرمين جي چونڊ کان هڪ ڏينهن اڳ ڀوتاڻي گروپ جو چيئرمين لاءِ اميدوار اغوا، ان ڏس ۾ حب ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين جي چونڊ کان هڪ ڏينهن اڳ ڀوتاڻي گروپ جي اميدوار فيض محمدزهري کي ملير جي علائقي ڄام ڪنڊو ۾ پنهنجي گهر مان هٿياربند اغوا ڪري ويا، فيض محمد زهري جي پٽ مزمل زهري شاھه لطيف ٿاڻي تي داخل ڪرايل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته منهنجي والد فيض محمد زهري جو تعلق ڀوتاڻي گروپ سان آهي، اڄ ضلعي چيئرمين جي ٿيندڙ چونڊ کان اڳ کيس پوليس وردي پهريل ماڻهن اغوا ڪيو آھي، هن چيو ت منهنجي والد جي مخالفت ۾ پيپلزپارٽي ۽ ٻين جماعتن جا اميدوار بيٺل آهن اسين سمجهون ٿا ته بابا کي وفاداريون تبديل ڪرڻ ۽ اليڪشن تان هٿ کڻائڻ لاءِ اغوا ڪيو ويو آھي، هن اسان جي گهر جا سي سي ٽي وي فوٽيجز موجود آهن، جن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس موبائل ۽ سول گاڏين ۾ سوار هٿياربندن منهنجي پيءُ کي اغوا ڪيو ويو آهي.