لاهور (شوبزنيوز) پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل اريج چوڌري پاڻ کي ڀارتي اداڪارائن سان ڀيٽڻ تي سوشل ميڊيا واهپيدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ اريج کان مختلف اداڪارائن سان سندس ڀيٽ ڪرڻ بابت سوال ڪيو ويو، جنهن تي اداڪارا حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته ڪجهه عرصو اڳ سوشل ميڊيا تي مون کي آمريڪي فحش اداڪارا ڊيني ڊينئل جي همشڪل قرار ڏنو ويو، هاڻي ڀارتي اداڪارائن سان ڀيٽيو پيو وڃي جنهن سان اتفاق نٿي ڪريان. اداڪارا چيو ته مون کي ڀارتي اداڪارا تمنا ڀاٽيا، ڪيارا آڏواڻي ۽ يامي گوتم جو همشڪل قرار ڏنو ويو جڏهن ته منهنجي شڪل انهن ٽنهي اداڪارائن کان مختلف آهي، منهنجي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي.