ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سياسي منافقت جي انتها آهي، حافظ نعيم پنجاب ۾ ويهي سنڌ جي مڪاني نظام کي نشانو بڻائي رهيو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ ته مڪاني چونڊون ناهن ٿيون، لڳي ٿو ته حافظ نعيم اڃا تائين ڪراچي جو ميئر نه بڻجڻ جي صدمي مان نه نڪتو آهي، جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم جي بيان تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته سنڌ ۾ مڪاني نظام پنهنجن آئيني حدن اندر ڪم ڪري رهيو آهي، جماعت اسلامي جو ڪم هميشه عوام کي گمراهه ڪرڻ رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن حافظ نعيم کي سنڌ جي مڪاني نظام سان ايترو مسئلو آهي ته پوءِ هو پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ به اهڙي ئي شدت سان آواز ڇو نه ٿا بلند ڪري؟ پنهنجن سياسي ناڪامين کي لڪائڻ لاءِ حافظ نعيم طرفان سنڌ حڪومت تي الزام لڳائڻ مناسب ناهي. هن چيو ته حافظ نعيم شايد وساري ويٺل آهي ته پي ٽي آءِ جي انهن ميمبرن، جن تي هنن ڪيس داخل ڪيا هئا، انهن ميئر جي چونڊن وقت حافظ نعيم کي ووٽ ڏيڻ پسند نه ڪيو هو، هن چيو ته جماعت اسلامي کي ڪڏهن به عوامي ووٽ ذريعي ڪراچي جي ميئرشپ ناهي ملي، انهن جا ٻه ميئر آمريت جي مرهون منت هئا، مخالف ڌريون تعميري سياست ڪن، نفرت تي ٻڌل بيانن وسيلي عوام کي گمراھ نه ڪن.