اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري اطلاعات فيصل ڪريم ڪنڊي حافظ حسين احمد واري بيان جي رد عمل ۾ چيو آهي ته حافظ حسين احمد ٻڌايو ته ان کي جي يو آءِ مان ڇو ڪڍيو ويو. حافظ حسين کي ڪجهه سبب ڪري جي يو آءِ مان نيڪالي ڏني وئي، ان تي کيس ڪجهه ڳالهائڻ گهرجي، حافظ حسين احمد نه مذهبي عالم بڻجي سگهيو نه سياستدان، رڳو مسخرو بڻجي ويو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي بيان جي غلط تشريح ڪري حافظ صاحب ڪنهن جي نوڪري ڪري رهيو آهي.