نيپئر(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽيم مئنيجمينٽ فاسٽ بالر حارث رئوف ۽ وڪٽ ڪيپر بيٽر عثمان خان کي قومي ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري ڇڏيو. ٽي ٽوئنٽي ٽيم جا 8 رانديگر وطن واپسي لاءِ روانا ٿيندا، جڏهن ته باقي 5 رانديگر نيپئر ۾ ٽيم کي جوائن ڪري ورتو. نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستاني رانديگر ۽ ڪوچنگ اسٽاف ويلنگٽن کان نيپئر روانا ٿيو. فاسٽ بالر حارث رئوف ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر عثمان خان کي مئنيجمينٽ ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري ورتو، جڏهن ته پهريان ٻئي رڳو ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو حصو هئا. سلمان علي آغا، حارث رئوف، خوشدل شاهه، عرفان خان نيازي، ابرار احمد، سفيان مقيم، محمد علي ۽ عثمان خان نيپئر ۾ ون ڊي اسڪواڊ کي جوائن ڪيو. واضح رهي ته ڪپتان محمد رضوان ۽ بابر اعظم سميت 9 رانديگر اڳ ئي نيپئر ۾ موجود آهن، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جا باقي 8 رانديگر نيوزيلينڊ کان دبئي ذريعي پاڪستان روانا ٿيندا. ڏيهه واپسي ڪندڙ رانديگرن ۾ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو نائب ڪپتان شاداب خان، شاهين آفريدي،عمير بن يوسف، حسن نواز، محمد حارث، عباس آفريدي، عبدالصمد ۽ جهانداد خان شامل آهن. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز 29 مارچ کان شروع ٿيندي.