لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف جي گهر پٽ جي پيدائش ٿي آهي. قومي ٽيم جي فاسٽ بولر شاهين آفريدي سوشل ميڊيا تي حارث رئوف کي پيءُ بڻجڻ جي مبارڪباد ڏيندي سندن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. ان کانسواءِ شاداب خان به انسٽاگرام اسٽوري ذريعي حارث رئوف کي مبارڪ ڏني. ڪرڪيٽرن جي پيغامن کانپوءِ فاسٽ بالر کي مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، پر حارث رئوف طرفان ان ڪو به بيان سامهون ناهي آيو. ياد رهي ته حارث رئوف 24 ڊسمبر 2022 تي پنهنجي ڪلاس ميٽ مزنا مسعود ملڪ سان نڪاح ڪيو هو، جڏهن ته جولاءِ 2023 ۾ رخصتي ۽ وليمو ٿيو هو.