لاهور ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان جي فاسٽ بالر حارث رئوف ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ پنهنجا پنجاهه شڪار مڪمل ڪري ورتا آهن. حارث رئوف ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي ۾ بنگلاديش خلاف ميچ ۾ پنهنجي ون ڊي ڪرڪيٽ جون پنجاهه وڪيٽون مڪمل ڪيون. حارث رئوف پنهنجي ستاوهين ميچ ۾ پنجاهه شڪار مڪمل ڪرڻ جو ڪارنامو انجام ڏنو، هو وقار يونس سان گڏيل طور ون ڊي ۾50 وڪيٽون حاصل ڪندڙ ٽيون تيز ترين پاڪستاني بالر بڻجي ويو آهي.