حارث رئوف جي گهرواري پنهنجي شادي تي ڪيترو مهانگو ويس پاتو

0
224

ڪراچي: پاڪستاني فاسٽ بالر حارث رئوف گذريل ڏينهن پنهنجي ڪلاس ميٽ مزنا مسعود ملڪ سان شادي ڪري ڇڏي

حارث رئوف ۽ سندس گهرواري مزنا مسعود پنهنجي شادي واري ڏينهن اڇي  رنگن سان تيار ٿيل شادي جي لباس جو انتخاب ڪيو

نڪاح واري ڏينهن مزنا ڊزائنر حسين ريهار جي تيار ڪيل خوبصورت ۽ نفيس سونهري هٿن رنگ جي ويس کي چونڊيو  جيڪو بهترين طرح سان تيار ڪيو ويو هو

حسين ريهار جي ويب سائيٽ تي مزنا جي شادي جي لباس جي قيمت 6 لک 90 هزار پاڪستاني رپيا ڄاڻايل آهي

Image

ياد رهي ته حارث رئوف گذريل ڏينهن اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ شادي ڪئي هئي جنهن ۾ سندس ويجهن مائٽن ۽ دوستن شرڪت ڪئي هئي

ان کان علاوه قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي، فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي، عاقب جاويد، اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر رياض آفريدي ۽ ٻين شرڪت ڪئي