ملتان( اسپورٽس نيوز)قومي ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف ڀارتي ٽيم جي سمورين رانديگرن کي اڪيلو ئي آئوٽ ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو.
فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي ميزبان اداڪار مومن ثاقب طرفان حارث رئوف سان ڳالهه ٻول جي مختصر وڊيو شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ مومن ثاقب، حارث کان ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان جي ڀارت سان مقابلي بابت سوال ڪيا.جنهن جي جواب ۾ حارث رئوف چيو ته مهنجي دل ته چوي ٿي ڀارت 10 ئي رانديگر آئوٽ ڪيان پر ائين ناهي ٿيندو ڇو ته اسان جا ٻيا رانديگر به وڪيٽون وٺڻ آيا آهن.
قومي ڪرڪيٽر چيو ته پاڪ-ڀارت ٽاڪرو دٻاءُ سان ڀرپور مقابلو هوندو آهي جنهن ۾ هر رانديگر مٿان دٻاءُ هوندو آهي پر جيڪو سٺو پرفارم ڪندو ان جي واکاڻ ڪئي ويندي آهي..