ايڊيليڊ (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽر حارث رئوف آسٽريليا خلاف ٻي ون ڊي ۾ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي اهم اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.حارث رئوف آسٽريليا خلاف ٻي ون ڊي ميچ ۾ اٺ اوورن ۾ 29 رنسون ڏئي پنج وڪيٽون حاصل ڪيون، اهڙي ڪارڪردگيءَ سان گڏ فاسٽ بالر ون ڊي ڪيريئر ۾ اهم اعزاز پڻ ماڻي ورتو آهي.حارث رئوف 30 آڪٽوبر 2020ع ۾ پاڪستان لاءِ پهرين ون ڊي ميچ کيڏي، جنهن کانپوءِ حارث 39 مقابلن ۾ قومي ٽيم جي نمائندگي ڪندي 77 وڪيٽون ورتيون، جيڪي ان عرصي دوران ڪنهن به فُل ميمبر ٽيم جي فاسٽ بالر جون سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون آهن. ان عرصي دوران رڳو عمان جو بلال خان 83 وڪيٽون وٺي حارث کان اڳتي آهي، عمان آءِ سي سي ۾ ايسوسيئيٽ ميمبر آهي. حارث رئوف شروعاتي 39 ميچن ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ پاڪستاني بالر بڻجي ويو آهي. فاسٽ بالر ايڊيليڊ ۾ پنج وڪيٽون وٺي اسپنر ثلقين مشتاق ۽ فاسٽ بالر شاهين آفريديءَ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

، ٻنهي پنهنجي شروعاتي 39 ميچن ۾ 76، 76 وڪيٽون ورتيون هيون. دنيا جي ٻين فاسٽ بالرن ۾ آسٽريليا جي فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ 39 ميچن 79 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن، عمان جي بلال خان به 83 وڪيٽون 39 ميچن ۾ورتيون آهن. نيپالي اسپنر سنديپ لميچاني شروعاتي 39 ميچن 93 ۽ افغانستان جي راشد خان 90 جڏهن ته ڀارت جي ڪُلديپ يادو 77 وڪيٽون حاصل ڪيون. واضح رهي ته پاڪستان ٻي ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا کي نوَ وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز هڪ، هڪ تان برابر ڪري ڇڏي آهي.