ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئروزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسان جون ترجيحات بدلجي رهيون آهن، حادثن سبب انسان پنهنجون جانيون وڃائين ٿا ، ڪجهه وري معذوري جو شڪار ٿين ٿا، اسان جي ترجيح اها هجڻ گهرجي ته انسان ذات جي خدمت ڪئي وڃي، روڊ سيفٽي جهڙو منفرد خيال انسان ذات جي خدمت سان واقف ذهن ۾ اچي ٿو، ٽريفڪ قانونن جي پاسداري لاءِ اسان سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڪالهه هتي ڪنزيومر ايسوسيئيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ھن چيو ته اسان کي ٽريفڪ قانونن جو احترام ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻارن کي ٽريفڪ قانونن بابت پڙهائڻ گهرجي، عوام کي به آگاهي جي ضرورت آهي، ڪجهه لمحن جي تڪڙ لاءِ ماڻهو پنهنجي زندگي خراب ڪن ٿا ۽ ٻين لاءِ به پريشاني جو سبب بڻجن ٿا. والدين جي لاپرواهي ۽ غلطي سبب ننڍا ٻار گاڏيون هلائيندا آهن هن چيو ته ماضي ۾ڪراچي ۾ٽريفڪ پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي وئي، پر انهن اڃا تائين همت ناهي هاري، ٽريفڪ پوليس جا سپاهي اسان جا قومي هيرو آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت عوام لاءِ ماحول دوست اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ واري آهي جنهن سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.