ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙيءَ ۾ سنڌو درياھ تي ڌاڙي خلاف معذورن به روڊن تي نڪري آيا، ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪوٽڙيءَ ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف معذورن ويل چيئرز تي ريلي ڪڍي ڪوٽڙي ڦاٽڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن جي اڳواڻي شبير ساند، خادم حسين ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي معذور سنڌو درياھ تي ڌاڙي خلاف زوردار نعريبازي پڻ ڪندا رهيا. احتجاج دوران معذورن ڳالهائيندي چيو ته هو جسماني طور تي معذور ضرور آهن پر سنڌ جا فرزند هئڻ جي ڪري سنڌ ۽ سنڌين خلاف ٿيندڙ هر سازش خلاف آواز اٿاريندا رهندا. هنن چيو ته سنڌو درياھ تي ڌاڙو هڻي سنڌ کي مڪمل تباھ ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جيڪو ڪو به باشعور سنڌي قبول نه ڪندو. هنن حڪمرانن کان مطالبو ڪيو آهي سنڌو درياھ تي ڌاڙي جون سموريون رٿائون رد ڪري درياھ کي قدرتي طور تي وهڻ ڏنو وڃي..