جهول(ن پ ا) جھول ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير محمد کارت جي ڳوٺاڻي گل محمد کارت جي گھر اندر نامعلوم چور گھڙي موٽرسائيڪل چورائي فرار ٿيا ته ڳوٺ فقير آباد وٽ ڳوٺاڻن کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران چورن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن بعد جھول پوليس پڻ پھچي وئي، چور پريشاني ۾ موٽرسائيڪل ڇڏي فرار ٿي رهيا هئا ته پوليس ڳوٺاڻن جي مدد سان 2 چورن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي آندو، ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته چورن جو تعلق ڪمشور ڪنڌڪوٽ ضلعي سان آهي، جيڪي ظاهر طور ھتي مختلف ڳوٺن ۽ ننڍن شھرن ۾ موٽرسائيڪلن تي چڙهي کٽون واڻڻ وارو ڪم ڪندا آهن، واقعي واري رات اھي ساڳيا چور ڪرڪلي ڳوٺ ابو پوٽو ولي محمد ڀنڀرو سميت مختلف ھنڌن تي چوري ڪرڻ ويا ھئا.