ٽنڊوالهيار (رپورٽر) جهنڊي مري ۾ نارنگي چوري جي الزام هيٺ وڏيري ڳوٺاڻي تي تشدد ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو. عمرساند ٿاڻي جي حد واري ٽنڊوسومرو اسٽاپ واسي بااثر ذوالفقار عرف ڀٽو پنجاني ۽ سندس پٽ حسن پنجابي ڳوٺاڻي جمن خاصخيليءَ مٿان تشدد ڪيو. متاثر ڳوٺاڻي جمن خاصخيلي جو چوڻ آھي ته بااثر ۽ سندس پٽ گهرن ۾ داخل ٿيا ۽ عورتن ۽ ٻارڙن کي هراسان ڪيو. جمن خاصخيلي سان گڏجي ڳوٺاڻن وڏيري خلاف سخت احتجاج ڪيو. ان موقعي تي جمن خاصخيلي ٻڌايو ته مونکي فيصلي لاءِ گهرائي وچ اسٽاپ تي تشدد ڪيو ويو پوليس جمعدار جي سامهون هي بااثر وڏيرا اسان کي ڳوٺ مان لڏائڻ چاهين ٿا اسان پنهنجي ذاتي زمين تي ويٺل آھيون۔پوليس اهلڪار جي موجودگي ۾ مون مٿان تشددڪيو ويو ايس ايس پي ٽنڊوالهيار فوري نوٽيس وٺي.