جھنڊي مري ۾ استاد بدلي خلاف شاگردن پاران امتحانن جو بائيڪاٽ، اي سي جون ڌمڪيون

0
12
جھنڊي مري ۾ استاد بدلي خلاف شاگردن پاران امتحانن جو بائيڪاٽ، اي سي جون ڌمڪيون
جھنڊي مري ۾ استاد بدلي خلاف شاگردن پاران امتحانن جو بائيڪاٽ، اي سي جون ڌمڪيون

جهنڊومري(ن پ ا) جھنڊي مري ۾ استاد بدلي خلاف شاگردن پاران امتحان جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. جهنڊومري ڀرسان ڳوٺ غلام حسين لنڊ جي مڊل اسڪول مان جبري استاد بدلي ڪرڻ سبب شاگردن ۾ تاءَ پکڙيل آهي، جنهن سبب ڪالهه چوٿين ڏينهن به شاگردن امتحاني پيپرن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. شاگردن جو چوڻ هو ته اسان جي مڊل اسڪول غلام حسين لنڊ مان جبري ٻه استان بدلي ڪيا ويا آھن، انهن کي ساڳي اسڪول ۾ واپس ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو  ٻئي پاسي اي سي ٽنڊوالهيار شاڪرفھيم ۽ ڊي ڊي او ٽنڊوالهيار نورنبي دائيداڻو شاگردن وٽ اسڪول پهچي شاگردن جو مطالبو ٻڌو. اي سي ٽنڊوالهيار شاگردن کي يقين ڏياريو ته توهان امتحان  ڏيو امتحان کانپوء توهان جا بدلي ٿيل استاد واپس ڪرايا ويندا پر شاگردن اي سي جي هڪ به نه ٻڌي  اي سي ٽنڊوالهيارشاڪرفهيم ڪاوڙ ۾ اچي شاگردن کي ڌمڪيون ڏيڻ لڳو ته توهان امتحان ۾ ويهو  نه ته توهان تي ۽ توهان جي والدين تي ايف آءِ آر ٿي ويندي نه ته ويهي امتحان ڏيو جڏهن ته ٻارڙن جا والدين ۽ صحافين جي ٽيم به اسڪول ۾ موجود هئي، ٽيم رڪاڊنگ ڪئي ته اي سي ٽنڊوالهيار ريڪارڊنگ کان روڪي ڇڏيو ۽ پنهنجو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

استادن کي سيڪريٽري بدلي ڪيو آهي: اسسٽنٽ ڪمشنر

جهنڊومري: اسسٽنٽ ڪمشنر شاڪر فهيم جو چوڻ آهي ته ماسترن کي تعليم جي سيڪريٽري بدلي ڪيو آھي. شاگردن جي والدين اي سي کي چيو ته تعليم کي تباھه ايجوڪيشن عملدار ڪري رهيا آھن، جيڪڏهن سيڪريٽري بدلي ڪيو آھي ته بدلي جو  ليٽر ڏيکاريو انهي تي اي سي ڪاوڙ ۾ اچي ايف آءِ آر جي ڌمڪي ڏئي گاڏي ۾ چڙھي هليو ويو. شاگردن ۽ انهن جي والدين اي سي ٽنڊوالهيار جي اهڙي رويي تي ڏک جو اظھار ڪيو ويو آهي.