ٽنڊوالهيار/جهنڊومري(رپورٽر+ن پ ا) عمرساند، ڊاسوڙي، مشائخ هوٿي، سميت ٽن ٿاڻن جي حدن ۾ منشيات جو آزار وڌڻ ڪري شهري سخت عذاب ۾ ورتل آھن، منشيات فروشن مين پڙي،گٽڪي، چرس، آفيم ۽ شيشي سميت ڪچي شراب جون ڳوٺ ڳوٺ ۾ بٺيون قائم ڪري ڇڏيون آهن، جن وٽان مبينا طور لکين رپيا پوليس طرفان اوڳاڙيا وڃن ٿا. تازو عمرساند ٿاڻي جي حد واري مثالي ڳوٺ ٽنڊوسومرو جي هڪ وڊيو وائرل ٿي آھي جتي رات ٽائيم هڪ همراھه شراب ۾ ڌت ٿي ڪري شهرين کي پريشان ڪري رهيو آهي، پر شرابي ڪيڏي ديدا دليري سان وچ شھر ۾ شراب جي بوتل هٿ تي کڻي شراب واپرائي گار گند ڪري رهيو آھي، جنهن بابت اسان ڪوشش ڪئي ته پوليس کان به موقف وٺجي پر پوليس سان رابطو نه ٿيڻ ڪري سندن ڪو به موقف سامهون ناهي آيو ۽ شراب واپرائيندڙبابت ڄاڻ ملي آھي ته هن جو نالو شاهد آھي جيڪو مختيارڪار آفيس جهنڊومري جو ملازم ٻڌايو پيو وڃي، ساڳئي حالت ڪيترن ئي ڳوٺن توڙي شهرن ۾ به آھي جتي نشي ۾ ڌت ماڻهون اوهان کي ھر چوڪ ۽ چوراهي تي ملندا پر پوليس جي خاموشي پڻ سواليا نشان آھي ۽ منشيات فروشن کي کلي ڇوٽ سموري علائقي ۾ جي سياسي سماجي ڌرين پاران پڻ پوليس کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.