ٺٽو (رپورٽر ) جھرڪ ٿاڻي جي حد ۾ واقع ٻيلو ويران ۾ 20 ڏينهن اڳ بيدردي سان قتل ٿي ويل کوسا برادري جي ماءُ رضيه کوسو ۽ ڌيءَ عزيزه کوسو جي قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن جھرڪ پوليس پاران گرفتار نه ڪرڻ خلاف مقتوله عورتن جي وارثن ٺٽو پهچي پريس ڪلب ٺٽي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي. جڏهن ته ان موقعي تي مقتول عورتن جي غلام الدين کوسو، محمد بخش کوسو، مقتوله رضيه کوسو جي ماءُ خاتون کوسو، مقتوله رضيه جي ڀڦي بشيران، شبيران کوسو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ظالمن ساڻن وڏو ظلم ڪري سندن گھر اجاڙي ڇڏيو آھي، ھنن چيو ته 20 راتيون اڳ ٻيلو ويران ۾ سڱاوتي تڪرار تان ڄامشوري ضلعي جي منظور آباد جي رھواسي جوابدارن وسيم پٽ علي محمد کوسو، رزاق پٽ عرضي کوسو ۽ سندس ڀاءُ غفار پٽ عرضي کوسو سندن  گھرن تي ڪاھه ڪري ٻن عورتن رضيه زال غلام الدين کوسو ۽ سندس نياڻي عزيزه زال غلام مصطفي کوسو کي بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويا، جنھن جو ڪيس جھرڪ ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ باوجود جھرڪ پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، جيڪي اسانکي وڌيڪ نقصان جو ڌمڪيون پيا ڏين، جن مان کين نقصان جو انديشو آھي، ھنن الزام ھڻندي چيو ته جوابدار بااثر ھجڻ توڙي پوليس کي وڏي رشوت ڏيڻ ڪري پوليس انھن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناھي هنن چيو ته جھرڪ پوليس اسانجا خون ٻوڙڻ ٿي چاھي جڏهن ته ھنن چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ، سيشن جج ٺٽو، ايس ايس پي ٺٽو سميت سمورن وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته ساڻن انصاف ڪري بيدردي سان قتل ٿي ويل ٻنھي عورتن جي سمورن ڪيس ۾ ڄاڻايل قاتل جوابدارن کي گرفتار ڪري کين تحفظ مھيا ڪيو وڃي.