جھاد کان فساد تائين پنجاهه سال

0
25
جھاد کان فساد تائين پنجاهه سال

 اي اين پي جو مرڪزي صدر سينيٽر ايمل ولي خان درست ٿو چوي ته، “پاڪستان جي آباديءَ جو وڏو حصو ذهني طور تي دهشتگرد آهي. جنهن شئي کي اسان اڄ فساد چئي رهيا آهيون، پاڪستاني رياست ان کي بطور جهاد پروموٽ ڪيو”.

                 اسان جو خيال آهي ته، اسانکي هاڻي اهو ڏسڻو پوندو ته رياست فساد ڇا کي چئي رهي آهي؟ هن وقت ملڪ ۾ ٽن قسمن جي ڪالعدم هٿياربند تنظيمن جون سرگرميون ڏسڻ لاءِ ملي رهيون آهن. پهرين ڪالعدم ٽي ٽي پي اينڊ داعش وغيره، ٻيون ڪالعدم لشڪر جھنگوي ۽ ان جون همخيال ۽ مخالف تنظيمون. ٽيون بلوچستان ۾ سرگرمِ عمل بي ايل اي، بي ايل ايف ۽ ان جا ذيلي گروپ.

                 هتي اسانکي رمضان مينگل ۽ شفيق مينگل جي ان هٿياربند امن لشڪر کي “واڪ اوور” هرگز نه ڏيڻ گھرجي. ان نام نهاد امن لشڪر جي وڏن ۽ سهولتڪارن، ٻنهي جي چهري تي بيگناهن جي رت جا نشان برسات جون ڪيتريون ئي مندون گذري وڃڻ کانپوءِ به ڌوپجي نه سگھيا آهن. حالانڪه برسات جي گذريل مند ايتري ته خوفناڪ هئي، جو اها بلوچستان جي سمورن ڊيمن کي لوڙهي کڻي وئي. (ياد رهي ته برسات جي موجوده موسم جي ڳالهه ناهي).

اهڙي طرح سنڌ ۾ آزاد سنڌو ديش جي فهم کان متاثر ٿي هڪ ٻن تنظيمن جا نالا ۽ ڪم مختلف وقتن تي ميڊيا جي زينت بڻجندا آهن. سنڌ لبريشن آرمي يا آزاد سنڌو ديش برگيڊ يا پوءِ جسقم (جيئي سنڌ قومي محاذ) جو هڪ ڌڙو بشير خان قريشي وارو به ڪالعدم تنظيمن ۾ شامل آهي.خيبر پختونخوا ۾ اڳ ۾ اي اين پي ۽ ڪجهه ننڍين جماعتن جي صورتن ۾ “غدار” هوندا هئا. رياست جهاد جي سرپرستي ذريعي انهن “غدارن” جو مڪمل خاتمو ڪري ڇڏيو هو. انهن جي “پشتون ولي” جي مقابلي ۾ “مسلم پشتون ولي” کي متعارف ڪرايو ويو. ان “مسلم پشتون ولي” جي بنياد ۽ ڳجھين ايجنسين جي جيپن ۾ سوار مُلان – ملٽري الائنس (ايم ايم اي) 2002ع جي جرنيلي جمهوريت برانڊ اليڪشن ۾ ڏيڍ صوبو (خيبر پختونخوا ۽ اڌ بلوچستان) فتح ڪيو. هڪ هنڌ پنهنجي حڪومت جوڙي ۽ ٻي هنڌ مخلوط حڪومت ٺاهي. جرنيلي جمهوريت جي آئيني ترميم (ورديءَ ۾ صدر ۽ ٻيا معاملا) تي تعاون ڪري قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جو منصب پڻ حاصل ڪيو. معاف ڪجو اها تمهيد ڊگھي ٿي رهي آهي پر ڪجهه سِٽون وڌيڪ برداشت ڪريو. بلوچستان ۾ بي ايل اي، بي ايل ايف يا ٻنهي جي هم خيال پر الڳ گروپن جي مزاحمت، يا ائين کڻي چئجي ته حق خودمختياري جا اهي اولين دعويدار نه آهن.اسان چاهيون به ته ان کي قلات تي 1948ع ۾ ٿيل فوج ڪشي معاملي سان پيدا ٿيل ناراضگي کي ڌار ڪري نٿا ڏسي سگھون. ان فوج ڪشي کان سخت مرحلو فيلڊ مارشل ايوب خان جي دور ۾ آيو، جڏهن قرآن مجيد کي ضامن ۽ گواهه بڻائي نواب نوروز خان ۽ ان جي ساٿين کي جبلن تان لاٿو ويو ۽ پوءِ واعدي خلافي ڪندي کين گرفتار ڪري ڪيس هلائي موت جي سزا ڏني وئي. نوروز خان کي وڏي عمر جي ڪري ڦاسي نه ڏني وئي، باقي ساٿين کي ڦاسيون ڏنيون ويون.

ان کان اڳين منزل ذوالفقار علي ڀُٽي جي دور ۾ نعپ ۽ جي يو آءِ جي بلوچستان ۾ قائم مخلوط حڪومت کي تحليل ڪرڻ جو فيصلو آهي. ان فيصلي کانپوءِ سرحد صوبي ۾ نعپ ۽ جي يو آءِ جي مخلوط حڪومت استعيفا ڏئي ڇڏي. ان دور (ڀُٽو دور) ۾ هڪ نئين بلوچ هٿياربند مزاحمت شروع ٿي. عراقي هٿيارن جي برآمد ٿيڻ جو ڊرامو اسٽيج ڪيو ويو. نواب اڪبر بگٽي جو، ذوالفقار علي ڀُٽي جو ساٿ ڏئي بلوچستان جو گورنر بنجڻ پڻ ان دور ۾ ٿيو.

قلات تي فوج ڪشي کان وٺي هاڻي چند ڏينهن اڳ موسيٰ خيل ضلعي جي حدن ۾ بي ايل اي طرفان روڊ بند ڪري شناختي ڪارڊ ڏسي 23 ماڻهن کي قتل ڪرڻ ۽ ٽرڪن ۽ پڪ اپ ڊالن کي باهيون ڏيڻ جي واقعي جي وچ ۾ عدم مزاحمت جو پڻ هڪ دور آهي، جيڪو جنرل ضياءُ الحق جي دور کان شروع ٿيو ۽ شايد 2000ع تائين هليو.

ايمل ولي خان جي جيڪا ڳالهه ڪالم جي شروعاتي سٽن ۾ عرض ڪئي اٿم، اها ڪجهه هيئن هئي ته، “پاڪستان جي آباديءَ جو وڏو حصو ذهني طور تي دهشتگرد آهي. جنهن شئي کي اڄ اسان فساد چئي رهيا آهيون، پاڪستاني رياست ان کي جھاد جي نالي تي پروموٽ ڪيو”.

پهرين ڳالهه اها ته اهو درست هوندو ته بلوچستان جي صورتحال کي (قلات لشڪر ڪشي کان هاڻوڪن معاملن تائين) ان کان ڌار ڪري ڏسڻو ۽ سمجھڻو پوندو. البته ان تي ڳالهائڻ ڪنڌ ڪورڻ جي سزا قابل هرگز نه آهي، نه ئي “سستن نام نهاد” جي چٿرن کي ليکي ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. رياست غير رياستي ايڪٽرن کي جهاد جي مجاهدين طور تي اسان وٽ افغان انقلاب ثور کانپوءِ افغانستان ۾ وڙهي ويل سوويت – آمريڪا جنگ دوران متعارف ڪرايو پر ان عرصي ۾ رياست ڪجهه فرقيواراڻين ۽ لساني تنظيمن جي قيام لاءِ ڇَٽيون پڻ مهيا ڪيون ته جيئن جمهوريت پسند جماعتن جو زور ٽوڙي سگھجي.

مجاهدين جهاد، اثاثا، دهشتگرد، فسادي ۽ هاڻي خوارج – پنجن مرحلن جو اهو سفر لڳ ڀڳ 45 کان 46 سالن ۾ طئي ٿيو. اها پڻ تلخ حقيقت آهي ته اسانجي رياست (هونئن به مالڪن جي رياست آهي، اسانجي ۽ توهانجي ناهي) گذريل لڳ ڀڳ اڌ صديءَ ۾ جيترا تجربا ڪيا، سمورا عظيم الشان انداز ۾ نه صرف ناڪام ٿيا پر هر تجربي سان تخليق ٿيل “مخلوق” ان بعد ‘خالق’ جي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي، ان جي گريبان ۽ دستارن سان کيڏي، بلڪل ائين جيئن هاڻي ففٿ جنريشن وار واري پلاٽون ‘خالق’ جي گريبان سان الجھي پئي آهي.

اهو درست آهي ته ملڪي آبادي جو وڏو حصو ذهني طور تي دهشتگرد آهي. ان جو هڪ سبب زميني حقيقتن ۽ خطي يا ائين کڻي چئجي ته حقيقي تاريخ کان محروم اهو تعليمي نصاب آهي، جنهن ۾ حملي آور ۽ قاتل لٽيرا اسانجا سورما آهن ۽ مقامي مزاحمتڪار، ڌرتي جا فرزند ڌاڙيل ۽ غدار، اسلام دشمن ۽ ناشڪرا. ٻيو سبب اڍنگي سماجي واڌ آهي. ٽيون سبب فرقيواراڻي ڪاروبار جي کلي موڪل. چوٿون سبب قرار مقاصد. پنجون سبب رياست جو هڪ مذهب اختيار ڪري وٺڻ آهي. ظاهر آهي ته جڏهن رياست مذهب کي اپنائيندي ته پوءِ ان جو ڪو نه ڪو عقيدو به ضروري هوندو. افغانستان ۾ وڙهي ويل سوويت – آمريڪا جنگ کان اڳ رياست جو عقيدو اڻ اعلانيل هو پر ان جنگ جي ڪري رياستي عقيدي جو اعلان ڀير تي ڏونڪو هڻي ٿيڻ لڳو ۽ اڃا تائين جاري آهي. ان جو ڇهون سبب آئون درست، تون سراسر غلط ۽ زنديق آهين. ستون سبب جنرل ضياءَ جي دور جا ڪجهه قانون آهن، جن کي اٺين ترميم ذريعي آئين ۾ شامل ڪيو ويو. ڪجهه سبب ٻيا پڻ آهن پر ڪالم جي دامن ۾ گھڻي گنجائش نه هوندي آهي. اسان انهن سمورن سببن کان بچي هڪ اجرو سماج ۽ نظام قائم ڪري ٿي سگھياسين ۽ ائين فڪري، سياسي ۽ رياستي طور تي سيڪيولر نظام طرف وڌون ها ۽ ان کي اپنايون ها پر اهو انڪري نه ٿي سگھيو ته 1947ع وارو ورهاڱو مذهبي نفرت جي اڀار تي ٿيو هو.

ابتدا، بلڪه ابتدا کان پنج مهيني اڳ اها حقيقت سامهون اچي وئي هئي ته گڏيل هندوستان جي ورهاڱي سان ٺهندڙ نئون ملڪ (پاڪستان) لادين سوويت يونين جي خلاف “اهلِ ڪتاب جو فڪري اتحادي” هوندو. قرارداد مقاصد حقيقت ۾ نفرت جي بنياد تي ٿيل ورهاڱي ۽ لادين قوتن خلاف اسلام جي قلعي جي اسنادي سَنَدي شناخت هئي.

ستن اٺن خرابين ۽ ٻين معاملن جي باوجود حالتون ان وقت تائين وري ڪنهن حد تائين بهتر رهيون، جيستائين رياست ڪفر ۽ اسلام جي اجتهاد جو هٿيار پاڻ سنڀالڻ سان گڏ سڀني کي ڇوٽ نه ڇڏي ڏنو. ٿڌي دل سان ويچار ڪريو ته هن ملڪ ۾ 76 سالن ۾ انسان سازيءَ جو هڪ به ادارو نه جڙي سگھيو ۽ ڪيئن اسان جون يونيورسٽيون دولي شاهي ڪُئا اوڳاڇڻ لڳيون؟ ان سوال جي جواب ۾ اڀاڳ جي پوري تاريخ آهي. اڃان ڪالهوڪي ڳالهه آهي، جڏهن رياست “ذهن سازي ۽ تعمير نو” جي جذبي سان دهشتگردن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ صدارتي فرمان ذريعي 103 کان وڌيڪ سفاڪ دهشتگردن کي ڪابل مذاڪرات جي نتيجي ۾ آزاد ڪيو هو. صرف اهو ئي نه پر تڏهوڪي حڪومت هزارين ويڙهاڪن کي افغانستان مان آڻي هتي وسائڻ جي پاليسي اپنائي.

سوال اهو آهي ته اسان ان غير ذميواراڻي طرز عمل سان دهشتگردي تي پِٽڪو ۽ روڄ راڙو ڪرڻ باوجود دهشتگردن کي محبوب رکڻ واري سوچ مان ڪيئن نجات حاصل ڪري سگھون ٿا؟ سادو ۽ ٻن لفظن ۾ جواب اهو آهي ته رياست سيڪيولر هجي، مذهب ۽ عقيدو ماڻهن جو ذاتي معاملو، حڪومتي نظام سيڪيولر بنيادن تي استوار هجي ۽ مقامي وسيلن تي مقامي ماڻهن جو وڏو حق تسليم ڪيو وڃي.

ڪجهه ڳالهيون ٻيون به آهن پر اهي وري ڪنهن ٻي ڀيري.