جڳديش ملاڻي جون ساروڻيون

0
34
جڳديش ملاڻي جون ساروڻيون

ھي1987ع جي ڳالهه آهي جڏهن اسان ٻاروتڻ ۾ ھن شخص کي ڏٺو ۽ ٻڌو ھو پنهنجي مزاج ۾ زنده دل ۽ پنهنجي شخصيت جي جوھر ۾  بنھه سادگي پسند رھندڙ ھي شخص مٺي شھر جي  ھر پاڙي ۾ پنهنجن دوستن عزيزن  سان پيو ملندو هو، اھو اڙٻنگ شخص مٺي ڄائو جڳديش ملاڻي ھو جنهن کي مٺي جامقامي ماڻهوَ “جگلو” چوندا ھئا. انھي دور ۾ جڏهن ھو سياسي طور تي اڳتي اڀري آيو ته ٿوري عرصي ۾ ھن پپلز پارٽي ۾ پنهنجو ھڪ  الڳ مقام ٺاھي ورتو. آمر ضياءَ جي دور ۾ ٿر ۾ ڪجهه وقت پيپلز پارٽي جون سرگرميون محدود رهيون. 1986ع ۾ محترمه بينطير ڀٽو جڏهن جلاوطني ختم ڪري ڏيهه واپس آئي ته انهي دور ۾ ٿر ۾ پيپلز پارٽي باقاعده سرگرم نظر آئي، انهي وقت ٿر مان فقير شير محمد بلالاڻي کي اولڊ ٿرپارڪر ضلعي ڪاميٽيءَ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو هو. جڏهن ته 1986ع ۾ جڳديش ڪمار ملاڻي کي مٺي سٽي جو صدر مقرر ڪيو ويو هو. 1986ع ۾ تعلقي مٺي جو صدر مير محمد اڍيجو تعلقي ننگرپارڪر جو صدر غلام حسين، تعلقي ڇاڇري جو صدر غلام حسين گجو ۽ تعلقي ڏيپلي جو صدر ڪامريڊ غلام محمد نهڙيو کي چونڊيو ويو. اهڙي ريت 1986ع کانپوءِ ٿر ۾ پيپلز پارٽي سرگرم ٿيندي نظر آئي. انهي دور ۾ ٿر مان مڊل ڪلاس جا ٻه  نوجوان جگديش ڪمار ملاڻي ۽ فقير شير محمد بلالاڻي پيپلز پارٽي کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ٿر جي مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ انھن نوجوانن جڏهن سياست ۾ پير پاتو ته انهي دور ۾ ٿر ۾روايتي، وڏيرڪي سياست ۽ جاگيرداراڻه نظام جو دور عروج تي ھو ۽ انهن وڏيرڪي سياست خلاف  پنهنجو آواز بلند ڪيو. اهڙي ريت انهن ٻن نوجوانن پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت وٽ پنهنجو قدر پاڻ ڪرايو. جگديش ملاڻي ۽ فقير شير بلالاڻي جي بهادري ۽ پارٽي سان وفاداري کي ڏسندي 1988ع ۾ پيپلز پارٽي ٿر واري تڪ تان فقير شير محمد بلالاڻي کي ٽڪيٽ ڏني هئي. جنهن تحت ايم پي اي سيٽ لاءِ هُن ارباب فيض محمد سان مقابلو ڪيو هو پر هو هارائي ويو. جڏهن ته پ پ مرڪز طرفان جگديش ڪمار ملاڻي کي اقليتن جي سيٽ لاءِ ايم پي اي طور بيهاريو ويو. اهڙي ريت 1988ع ۾ جگديش ڪمار ملاڻي پ پ جي ٽڪيٽ تي اقليتن جي ڌار چونڊ نظريي تحت ايم پي اي چونڊجي ويو. انهي وقت ٿر ۾ جمهوري سياست جو هڪ نئون دور شروع ٿيو. انهي دور ۾ جگديش ڪمار ملاڻي هڪ عوامي ليڊر طور پاڻ مڃرايو. هڪ ايم پي اي هوندي هُن کي ڪنهن به پروٽوڪول جي ضرورت نه هوندي هئي. ھو ٿر جو يگانو سياسي ڪردار ھو ۽هر ماڻهو سان پيار ۽ پنهنچائپ سان ملڻ هُن جو آدرش هوندو هو. 1988ع ۾ جگديش ڪمار ملاڻي ٿر جي ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون پڻ ڏنيون هيون. 1990ع واري اليڪشن ۾ جڳديش ڪمار ملاڻي ايم اين اي جي سيٽ تي بيٺو  پر هارائي ويو هو.

ڄام صادق جي دور ۾ جڏهن ڪيترائي سياسي اڳواڻ پنهنجون وفادريون بدلائي ڄام صادق سان گڏجي ويا ته انهي وقت ٿر مان جگديش ڪمار ملاڻي ۽ فقير شير محمد بلالاڻي پ پ جا واحد سياسي اڳواڻ هئا، جيڪي پيپلز پارٽي سان ثابت قدم ٿي بيٺا هئا. انهن ٻنهي اڳواڻن ڄام صادق جي دور ۾ جيل جون سختون سٺيون پر پنهنجي پارٽي سان غداري ڪونه ڪئي. اهو ئي سبب هو جو شهيد راڻي بينظير ڀٽو، انهن ٻنهي اڳواڻن جي تمام گھڻي عزت ڪندي هئي. جڏهن ته بيگم نصرت ڀٽو صاحبه جگديش کي پنهنجن پٽن وانگر ڀائيندي هئي. جگديش پنهنجي سياسي ڪيريئر ۾سڄي سنڌ ۾ تمام گھڻا دوست ٺاهيا، خاص طور تي سنڌ جي ناليوارن اديبن، شاعرن ۽ صحافين سان تمام گھڻي ويجهڙائپ هوندي هئي.

سنڌ جي صحافين ۾ فقير محمد لاشاري صاحب تمام گھاٽو دوست هوندو هو. جگديش پنهنجي ڪيريئر ۾ جتي جيل ڪاٽيا، سختيون سٺيون، اتي هن عوام جي دلين تي راڄ ڪرڻ لڳو. پيپلز پارٽي جي جيالي ۽ شهيد ڀٽي جي سچي سپاهي هئڻ جي ناتي هن جي ڀٽي خاندان وٽ تمام گھڻي  ويجھڙائپ هوندي هئس. چون ٿا ته شهيد راڻي محترم بينظير ڀٽو رکشا ٻنڌڻ جي تهوار جي موقعي تي پنهنجي ڀاءُ جگديش ملاڻي کي راکي ٻڌي هئي. ڄام صادق جي دور ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پهريون ڀيرو هڪ عام جلسي کي خطاب ڪرڻ لاءِ ٿر (مٺي) آئي هئي. ٿر جي ڪنڊڪڙڇ کان ڪيترائي ماڻهو پيپلز پارٽي جي انهي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ مٺي پهتا هئا. مون کي چڱي ريت ياد آهي ته جلسي جي ڪارروائي مرحوم اسماعيل اڍيجي هلائي هئي. ٿر مان هزارين ماڻهن شرڪت ڪري انهي جلسي کي تاريخي بڻايو هو. انهي تاريخي جلسي ۾ ٿر جي عورتن پڻ شرڪت ڪئي هئي. جلسي کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڄام صادق جي حڪم تي فقير شير محمد بلالاڻي ۽ جگديش ڪمار ملاڻي کي گرفتار ڪري سي آءِ اي سينٽر حيدرآباد موڪليو ويو هو.

جگديش ۽ فقير شير محمد کي جلسي کان ڪجهه ڏينهن اڳ انهي ڪري گرفتار ڪيو ويو هو ته جيئن محترمه بينظير ڀٽو جو جلسو ناڪام بڻائجي پر ٿر جي هزارين ماڻهن انهي جلسي ۾ شرڪت ڪري محترمه جي جلسي کي تاريخي بڻايو هو.ٿر ۾ پيپلز پارٽي جو هڪ نئون موڙ تڏهن سامهون اچي ٿو، جڏهن 1993ع ۾لانگ مارچ دوران جگديش ڪمار ملاڻي شهادت ماڻي ٿو. 17 جولاءِ 1993ع تي پيپلز پارٽي جي سڏ تي جگديش پنهنجي ساٿين اسماعيل اڍيجو ۽ فقير شير محمد لاشاري سان گڏجي لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اسلام آباد وڃي رهيو هو ته  روڊ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ٻه ساٿي اسماعيل اڍيجو ۽ فقير محمد لاشاري انهي وقت تي شهيد ٿي ويا هئا. جگديش سخت زخمي ٿي ويو ۽ بعد ۾ 31 جولاءِ 1993ع تي جگديش پنهنجي مالڪ حقيقي سان ملي شهادت جو جام پيتو. جگديش ملاڻي جي شهادت جي منحوس خبر جڏهن سڄي سنڌ ۾ پهتي ته سڄي سنڌ ۾ سوڳ وارو عالم ڇانئجي ويو. ٿر جي ماڻهن جگديش جي موت جي درد جي ڪيفيت کي شدت سان محسوس ڪيوھو، ٿر جي هر ڳوٺ، واهڻ وستي ۾ هر ماڻهو روئي رهيو هو. انھي وقت غم جي ڪيفيت ۾ ڀڳت ماتورام ھي سٽون تخليق ڪيون ھيون ته

ٻار ٻڍا سڀ جوان رُنا

رُنو تو لاءِ آسمان،

تو هي ڇا ڪيو ڀڳوان؟

پهرين آگسٽ 1993ع تي جڏهن جگديش جي ارٿي کي اگني سنسڪار لاءِ پنهنجي اباڻي قبرستان ڏانهن نيو پئي ويو ته هر اک آلي هئي. شهر مٺي ۾ ماڻهن پنهنجي گھرن ۾ چلهه ڪونه ٻاريا، هر گھر ۾ ماتم متل هو. سوڳ واري عالم ۾ شهر مٺي ويراني جو ڏيک ڏئي رهيو هو. شهر مٺي جي سوڳ واري ڪيفيت کي ڏسندي مون کي حليم باغي جون هي سٽون ياد اچڻ لڳيون ته:

ڄڻ نظر لڳي ويئي، هن گھر جي بهارن کي،

ڪو نانگ سراپي ويو، نت نينهن نظارن کي،

جيئنداسين ڀري جڳ لئه جيئڻ جا جتن ڏيندي،

مئاسين ته ڏيئي ڇڏبا، هي روڳ هزارن کي.

جگديش پنهنجي زندگي جي ٿوري عرصي ۾ پنهنجو پاڻ ملهائي هڪ امر سياسي ڪردار جي حيثيت سان سياسي ميدان ۾ پنهنجو قدر پاڻ ڪرائي ويو. اهو ئي سبب آهي جو ٿر جي ھن يگاني سياسي ڪردار جگديش کي ٿر جا ماڻهو ڪڏهن به وساري نه ٿا سگھن. جڏهن ٿر جي سياسي تاريخ جو ذڪر ٿيندو، تڏهن ٿر جي ھن سياسي ڪردار جگديش ملاڻي جو پڻ ذڪر ٿيندو رھندو.