اسلام آباد  (بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان مسيحي برادري جي وفد ملاقات ڪئي ۽ جڙانوالا سانحي تي وقت تي قدم کڻڻ تي ٿورو ادا ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته سموري رياستي مشينري اقليتن جي حقن ۽ تحفظ جي حوالي سان انهن سان گڏ بيٺل آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي سمورا بنيادي حق حاصل آهن. اسان جو آئين، ذات، نسل ۽ رنگ جي فرق کان سواءِ سمورين شهرين کي سماجي مذهب سياسي ۽ معاشي حق ڏئي ٿو. هن چيو ته جڙانوالا واقعي جي ذميوارن کي عبرت جو نشانو بنايو ويندو ته جيئن اهڙن واقعن جو فيصلو ٿي سگهي. اقليتي برادري جي مسئلن کي حل ڪنداسين. هن چيو ته اقليتي برادري جو پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ ٻئي جي عقيدن جي احترام سان ئي پرامن ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ ٿي سگهي ٿي. انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.