اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جڙانوالا ۾ مسيح برادري تي حملن ۽ چرچ ساڙڻ واري معاملي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل جي تي ٻڌل بينچ اقليتن جي حقن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ايڊووڪيٽ جنرل ۽ انسپيڪٽر جنرل پنجاب کي واقعي بابت رپورٽ ۽ گهرو کاتي پنجاب کي واقعي بعد کنيل قدمن جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت رمارڪس ڏنا ته رياست جي ذميواري آهي ته اقليتن بابت آئين ۾ ڏنل ضمانتن کي پورو ڪري، سک برادري جا ماڻهو پاڪستان ڇڏڻ تي مجبوري ٿي ويا، رياست کي سکن جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، اقليتن جي حقن بابت اقليتي اڳواڻ سيميول پياري جڙانوالا واقعي تي نوٽيس وٺڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي، جسٽس اعجاز الاحسن سک اڳواڻن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جي درخواست ۾ هڪ معاملو ٽارگيٽ ڪلنگ جو اٿاريو ويو آهي ٻيو معاملو اهو اٿاريو آهي ته گوردوارن جي مرمت نٿي ٿئي، سردار بشنا سنگهه عدالت کي ٻڌايو ته اسان جا ماڻهو 1947ع ۾ پنهنجو وطن ڇڏي هندستان ويا، اسان هتي رهياسين، اسان خلاف غلط ڪيو پيو وڃي، قبضا گروپ مند، مسجد، گوردارن کي نٿا ڏسن، قبضن کان بچايو. عدالت سيڪريٽري مذهبي معاملا، چيئرمين اوقاف، سمورن ايڊووڪيٽ جنرلن کي نوٽيس جاري ڪندي رپورٽ طلب ڪئي ۽ هدايت ڪئي ته رياست سک ڪميونٽي جو تحفظ يقيني بڻائي، ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڪري سک برادري جا ماڻهو مختلف هنڌن تي منتقل ٿي رهيا آهن، عدالت آءِ جي ڪي پي کان ٽارگيٽ ڪلنگ بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته قائداعظم پنهنجي پهرين تقرير ۾ چيو هو ته اقليتن کي تحفظ ملندو.